ميهڙ ويجهو ڦر ڪوشش، ساٿين جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو

ميهڙ ويجهو ڦر ڪوشش، ساٿين جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو

ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس ھاء وي علي مردان جتوئي لاڙي وٽ نامعلوم ھٿياربندن جي شاه عبدالطيف يونيورسٽي جي ليڪچرار سرمد چانڊيو سندس سنڊو نظر علي ڏيٿو کان مبينا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  وئي،  مزاحمت تي مبينا ڦورو پنھنجي ئي ساٿي جوابدار جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو ٻن ڪلاڪن تائين زخمي ڦورو واقعي واري ھنڌ تڙپندو رھيو پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود ميھڙ اي سيڪشن پوليس جاء واردات تي بروقت پھچي نه سگھي ريسڪيو 1122 ٽيم پھچي زخمي کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، ريسڪيو ٽيم موجب واقعي جي اطلاع تي پھتاسين ته نوجوان اندازن طور ھڪ ڪلاڪ اڳ ۾ فوت ٿي چڪو ھيو نوجوان جي لاش ڀرسان موبائيل فون ۽ ھڪ پسٽل پڻ پيل جيڪو ميھڙ پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار رب رکيو عرف ربنواز چانڊيو قمبر شھدادڪوٽ ضلع جي مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل ۽ انعام يافته ڏوھاري آھي جڏھن ته قمبر شهدادڪوٽ پوليس پاران انعام يافته ۽ انتھائي خطرناڪ ڏوھن ۾ گھربل هو، مارجي ويل مبينا ڦورو جا وارث 10 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اسپتال پھچي نه سگھيا لاش تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ پيل رھيو