ميهڙ ويجهو ڪارنهن جي تهمت هڻي ناري بيدردي سان قتل، ڀاءَ ۽ مامو گرفتار

ميهڙ ويجهو ڪارنهن جي تهمت هڻي ناري بيدردي سان قتل، ڀاءَ ۽ مامو گرفتار

ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ ڀرسان شاه پنجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ناري ۾ مبينا ڪارنھن الزام تي 20 سالن جي سومل ڌي گلبھار چانڊيو رات جي اونداھي ۾ پنھنجي ئي گھر ۾ گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪئي وئي، لاش 8 ڪلاڪن تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيو ، اطلاع تي شاه پنجو پوليس پھچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال ميھڙ منتقل ڪيو، مقتولا ناري جي والد گلبھار چانڊيو ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي ڌي سومل چانڊيو مٿان پنھنجي ئي ڳوٺ جي رڪشو ھلائيندڙ نوجوان عابد چانڊيو سان ڪارنھن جو الزام مڙهيو ويو ھو جنھن بعد رات دير سان عابد چانڊيو جا والدين اسان وٽ پاڪ ڪتاب کڻي آيا ھئا انھن جي واپسي بعد اسين سمھي پياسين، رات جو دير سان منھنجي سئوٽ جي پٽ علي اڪبر چانڊيو منھنجي نياڻي کي کڻي وڃي ان کي گھر ٻاھران گوليون ھڻي زخمي ڪيو فائرنگ تي اسان اٿياسين ته منھنجي نياڻي تڙپندي رھي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ ريسڪيو ايمبولينس لاء چيو پر نه پوليس پھتي ۽ نه وري ايمبولينس پھتي جنھن بعد منھنجي نياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، شاه پنجو پوليس صبح جو پھتي ۽ پوليس وري منھنجي پٽ گلزار کي به گرفتار ڪري منھنجو چوپايو مال به ڪاھي وئي، پوليس جو چوڻ ھيو ته اوھان ملي ڪري ناري کي قتل ڪيو آھي ھن چيو ته نياڻي به منهنجي قتل ٿي آھي ۽ وري پوليس به اسان کي تنگ ڪري رھي آھي ، افسوسناڪ واقعي جو ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي فوري نوٽيس وٺندي پوليس کي سخت قانوني ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ايس ايس پي دادو پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي ته پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي مقتولا جي ڀاءُ گلزار ولد گلبهار چانڊيو ۽ مامي سليم چانڊيو کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته جوابدار علي اڪبر چانڊيو سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن، تعلقي اسپتال ميھڙ جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب مقتولا ناري کي سيني ۾ چار ۽ ھٿ ۾ ٻن پسٽل جي گولين جا نشان مليا آھن وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد تفصيل ٻڌائي سگھبا.