ميهڙ ويجھو تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي

ميهڙ ويجھو تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي

ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ٽول پلازه ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽيون کائي کاهي ۾ ڪري پئي، جنھن سبب ھڪ ڄڻو فوت ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتي جي سڃاڻپ ڪنڌڪوٽ واسي محمد سليم ولد سيد عبدالحليم شاه طور ٿي آھي جڏھن ته زخمين ۾ عبدالرحمن ولد عبدالڪريم ۽ اڪرم ڀنگوار ۽ ٻيا شامل آھن. حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم پهچي فوتي جو لاش ۽ ھڪ زخمي کي کڻي تعلقي اسپتال ميهڙ پهچايو جڏھن ته وڌيڪ ٽن زخمين کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس موجب تہ ابتدائي جانچ موجب ڪار سوار ڪنڌڪوٽ ۽ گھوٽڪي واسي دوست ھئا جيڪي سيوھڻ ميلي تي وڃي رھيا ھئا ته ٽول پلازه ڀرسان ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب ڪار ڪلٽيون کائي کاھي ۾ ڪري پئي جنھن سبب ھڪ ڄڻو فوت ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن اطلاع بعد وارث پھچي فوتي جو لاش اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا جڏھن ته زخمين کي تعلقه اسپتال بعد لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي