ميهڙ پوليس نينگري اجالا سولنگي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام: نصيرآباد ۾ ٻار نڪري آيا، مظاهرو

ميهڙ پوليس نينگري اجالا سولنگي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام: نصيرآباد ۾ ٻار نڪري آيا، مظاهرو

ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي اياز ڪالوني جي رھواسڻ 6 ورھين جي ٻارڙي اجالا پروين سولنگي جو 12 ڏينھن گذرڻ باوجود به پتو پئجي نه سگهيو، ٻارڙي جا والدين پريشان آهن، اجالا پروين سولنگيءَ جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ سڀا تعلقي ميھڙ جي اڳواڻن ڪامريڊ وحيد مھيسر، راجا سولنگي، محمد خان پنھور ۽ زبير کوسو جي اڳواڻي  ۾ گھنٽا گھر چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، ان موقعي تي ھنن ڳالھائيندي چيو ته ٻارڙي اجالا پروين سولنگيءَ جي بازيابي لاءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڪري ڪي ترت اپاءَ ورتا وڃن ۽ ٻارڙي کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.
 

نصيرآباد (ن پ ا) سجاڳ ٻار تحريڪ پاران ميهڙ مان اغوا ٿيل 4 سالن جي معصوم ٻارڙي اجالا سولنگي جي بازيابي لاءِ شاھ لطيف پبلڪ پارڪ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻن، فائزا لغاري، ڪرم الله سانگهرو، منسا مشتاق، زويا لغاري،مدثر مرتضيٰ ۽ ٻين چيو ته ٻارڙن کي اغوا ڪري نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، فضيلا سرڪي، پريا ڪماري سميت ڪيئي ٻارڙا سالن کان ٻاندي بڻيل آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نينگري اجالا سميت سمورن مغوي ٻارن کي بازياب ڪرايو وڃي.