ميهڙ پوليس گرفتار نوجوان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

جُولاءِ 20, 2023

ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي بي سيڪشن پوليس پاران کوندي روڊ وٽ مبينا مقابلي بعد غلام نبي پٽ جيئندو کوسو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي

پوليس موجب غلام نبي کوسو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھڪ پسٽل ۽ گوليون ھٿ ڪري ورتيون آھن.  زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو، جتي طبي امداد بعد کيس لاڙڪاڻي نيو ويو

پوليس موجب ھٿياربندن سان  مقابلي جو ڪيس ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار تي دادو ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ھڪ قتل سميت 9 پوليس مقابلن ۾ گھربل ھجڻ سميت سالاري، ماڏو ، خيرپور ،فريدآباد ٿاڻن تي 10 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آھن

يار رھي ته 2 ڏينھن اڳ غلام نبي جي وارثن احتجاج ڪندي دانھيو ھو ته سي آءِ اي پوليس ڳوٺ ڀنگر تي چڙھائي ڪري غلام نبي کوسو کي گرفتار ڪري وئي آھي. ھنن خدشو ڏيکاريو ھو ته پوليس اسان جي نوجوان کي بيگناه گرفتار ڪري جاني نقصان ڏيڻ چاھي ٿي

 جڏھن ته ٻن ڏينھن بعد ميھڙ بي سيڪشن پوليس نوجوان کي پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري جي دعويٰ ڪئي آھي

Leave A Comment