ميهڙ پوليس گرفتار ٿيل نوجوان کي مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

جُولاءِ 20, 2023

ميھڙ (رپورٽر) سي آءِ  پوليس 2 ڏينھن اڳ ڪي اين شاهه ڀرسان ڀنگر ڳوٺ مان گرفتار ٿيل نوجوان کي ميھڙ پوليس مبينا طور ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو

ميھڙ پوليس پاران ميھڙ جي کوندي روڊ تي ڌاڙيلن سان مقابلي بعد غلام نبي پٽ جيئندو کوسو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

پوليس موجب ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پارٽي ميھڙ ڀرسان کوندي روڊ تي گشت تي ھئي ته ھٿيار بندن سان مقابلو ٿيو جنھن ۾ غلام نبي کوسو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي ۽ ھڪ پسٽل ۽ گوليون ھٿ ڪري ورتيون آھن

زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل نوجوان کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو جتي طبي امداد بعد کيس لاڙڪاڻي نيو ويو، پوليس موجب ھٿياربندن سان  مقابلي جو ڪيس ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي

پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار دادو ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ھڪ قتل سميت 9 پوليس مقابلن ۾ گھربل ھيو،

ھوڏانھن 2 ڏينھن اڳ سي آءِ اي پوليس پاران ڳوٺ ڀنگر تي چڙھائي ڪري غلام نبي کوسو کي گرفتار ڪرڻ خلاف وارثن احتجاج پڻ ڪيو هو

Leave A Comment