| ميهڙ: ڊاڪٽر جو قاتل ڀاءُ 3 ساٿين سميت گرفتار، عدالت پيش، 5 ڏينهن جو رمانڊ |
ميهڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ گھاڙي ۾ ٻن سڳن ڀائرن ۾ زمين مان فصل کڻڻ ۽ جائيداد جي معاملي تان ٿيل جهيڙي دوران ڀاءُ هٿان ڀاءَ قتل ۽ والد سميت ڀائيٽيو زخمي ٿيڻ واري واقعي ۾ ميهڙ پوليس ڪيس ۾ اڳڀرائي ڪندي مقتول ڊاڪٽر طارق ٿيٻو جي قتل جو مک جوابدار سندس ئي ڀاءَ خالد ٿيٻو سندس گارڊ سرفراز گوگاڻي ۽ الهداد بروهي کي گرفتار ڪري واقعي ۾ استعمال ٿيل ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي ميھڙ پوليس گرفتار ٽنھي جوابدارن کي دادو جي اسپيشل مئجسٽريٽ ذيشان علي شيخ جي عدالت ۾ پِيش ڪيو جتي عدالت پاران جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ميھڙ پوليس گرفتار جوابدارن سرفراز گوگاڻي ۽ الھداد بروھي وٽان ھڪ ڪلاشنڪوف ، ھڪ رائيفل ۽ گولين جو مئگزين ھٿ ڪري کيس اصلحہ ايڪٽ تحت ٻه الڳ الڳ ڪيس به داخل ڪري ڇڏيا آھن جڏھن ته ميھڙ پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل وڌيڪ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگھي آھي ۽ ميھڙ بي سيڪشن پوليس گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ دوران ميڊيا کان پري رکيو ويو، ميھڙ پوليس کيس ورتل رمانڊ بابت به تفصيل ٻڌائڻ کان پڻ لنوائيندي رھي