ميهڙ ۽ ڀرپاسي سوڳ، ڊاڪٽر جي قتل جو 5 جوابدارن خلاف ڪيس، ڪراچي ۾ تدفين

  ميهڙ ۽ ڀرپاسي سوڳ، ڊاڪٽر جي قتل جو 5 جوابدارن خلاف ڪيس، ڪراچي ۾ تدفين

ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ گھاڙي ۾ ٻن ڀائرن ۾ زرعي زمين جي فصل کڻڻ تان ٿيل جهيڙي دوران فائرنگ ۾ قتل ٿيل ڪراچي جي ضياءالدين اسپتال جي دل جي مشھور ڊاڪٽر طارق ٿيٻو ۽ زخمي ٿيل والد عنايت الله ٿيٻو ۽ مقتول جي پٽ عبدالرحمان ٿيٻو واري واقعي جو ڪيس ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول ڊاڪٽر طارق ٿيٻو جي زخمي پٽ عبدالرحمان ٿيٻو جي فرياد تي ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي گناهه نمبر 135/2826 تحت جوابدارن مقتول جي وڏو ڀاءُ خالد ٿيٻو سندس منشي طارق مير ٿيٻو ،گارڊ نظير جلباڻي، سرفراز گوگاڻي چانڊيو ۽ الھداد بروهي خلاف داخل ڪيو ويو، فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي چاچي خالد ٿيٻو ۽ منهنجي والد ڊاڪٽر طارق ٿيٻو ۾ زرعي زمين جي کڻت تان مسئلو هلندڙ هيو منهنجو ڏاڏو عنايت الله ٿيٻو جيڪو لنڊن رهندو هيو ڪجهه ڏينهن پهرين لنڊن مان آيو ۽ اسان تڪرار حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي رهائشگاهه تي ويٺا هياسين ته منهنجو چاچو خالد ٿيٻو پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏ آيو ۽ جوابدارن کي بڇ ڪندي منهنجي والد ڊاڪٽر طارق ٿيٻو کي رسن سان گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو چيو بعد ۾ کين حڪم ڪيو ته فائرنگ ڪري ڊاڪٽر طارق کي قتل ڪيو جنهن بعد چاچي خالد ٿيٻو جي منشِي طارق مير ٿيٻو ۽ ان جي گارڊن نظير جلباڻي ، الھداد بروهي ، سرفراز گوگاڻي فائرنگ ڪري مون سميت منهنجي والد ۽ ڏاڏي کي زخمي ڪيو جنهن بعد اسپتال نيندين منهنجو والد ڊاڪٽر طارق ٿيٻو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو ھو ۽ منھنجو ڏاڏو عنايت الله ٿيٻو ۽ مان زخمي ٿيا ھئاسين، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود به  ميھڙ بي سيڪشن پوليس ھن وقت تائين قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگھي، پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي پئي  وڃي، جلد قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو، هوڏانهن ڳوٺ گھاڙي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل آھي، ٻئي طرف مقتول ڊاڪٽر طارق ٿيٻو جو مڙه ڪراچي نيو ويو جتي کيس تدفين ڪئي وئي.