ميهڙ ۾ انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي سڏ کي ڀرپور موٽ
نومبر 26, 2024
ميھڙ (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران اعلانيل انتها پسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ڏھاڙو واري اعلان کي ميهڙ جي ماڻهن زبردست موٽ ڏيندي ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور نموني سان ملھائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ميھڙ جي سماج سڌارڪ نوجوان ڊاڪٽر مير زبير چانڊيو ، سماجي اڳواڻ محمد بروھي پاران انتها پسندي خان آجي سنڌ جي عنوان هيٺ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ، وڪيلن ، صحافين ، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو، منظور مھيسر ، محمد حسن چانڊيو ، رئيس محمد صفر کوسو ، رسول بخش ، عبدالرحمن قمبراڻي ،چيف ڪرشن لعل ، فراز چنه ، مير صابر ڪولاچي ، ماجد پنھور ، وڪيل رضوان تنيو ،عبدالغفار شاھاڻي ، جان محمد جھنڊير ، مظھر ڀٽو ، سڌير احمد چانڊيو ، محمد امين ڀٽو ، جميل ڀٽو ، علي رزاق ، مدثر ، مزمل ، حاجي سرور ۽ ٻين شرڪت ڪئي تقريب ۾ نامياري فنڪارن برڪت علي برڪت پاران پنھنجو نئون گيت (محترم علي قاضي کي سڏ ۾ سڏ ڏيو ، انتھا پسندي کان آجي سنڌ ڪيو) جي نعري سان ٺاھي ورتو آھي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر الاهي بخش چانڊيو ، منظور مهيسر ، حسن چانڊيو ، عبدالرحمن قمبراڻي ، عبدالغفار شاھاڻي ۽ ٻين چيو ته محترمه علي قاضي انتها پسندي کان آجي سنڌ جو عنوان ڏئي سنڌ جي ماڻھن جون دليون کٽي ورتيون آھن ھنن چيو ته سنڌ رواداري امن محبت ۽ ڀائيچاري جو علائقو آهي جنهن کي انتها پسندن جي ور چاڙهيو پيو وڃي سنڌ جو حقيقي روح ۽ پيغام کي دٻايو پيو وڃي ھنن چيو ته اسان پهرين ڊسمبر تي انتها پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان هيٺ اعلانيل ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائينداسين ۽ سنڌ کي انتها پسندي کان آجو ڪنداسين ان موقعي تي ناليوارن شاعرن پنهنجي شاعري ٻڌائي جڏهن ته مشھور فنڪارن برڪت علي برڪت چانڊيو ، محرم سمون پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي قومي گيت ٻڌائي تقريب ۾ ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو آھي