ميهڙ ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، ٻن سم شاخن کي 20 فٽ گهارا، فصل لڙهي ويا
آگسٽ 20, 2024
ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، تعلقي اسپتال ، ھاءِ اسڪول ون ،مارڪيٽ ڪاميٽي جي آفيس ، سب جيل ، گرلس اسڪول ،شاھي بازار سميت اڪثر روڊ رستن تي پاڻي بيٺل آهي،جڏهن ته هاءِ اسڪول ون ۽ گرلس اسڪول سميت اڪثر تعليمي درسگاهن ۾ به 3 فوٽ پاڻي بيھڻ سبب تعليمي عمل معطل رھيو، هوڏانهن تعلقي جي 10 کان وڌيڪ سم شاخن ۾ به پاڻي جو چاڙھ وڌي ويو آهي، سم شاخن ، واھن ، ڪئنالن ۾ پاڻي جي چاڙھ ھجڻ ڪري سم شاخن جا ڪپر ٽٽڻ جو خدشو پڻ وڌي ويو آھي. ٻي طرف سنڌي ٻٽڙا ڀرسان ڪوٺي کوکر وٽ سم شاخ کي ٻن ھنڌن تان 20_20 فٽ جو گھارو پئجي ويو، گھاري سبب سوين ايڪڙ ساريالو فصل ٻڏي ويو . ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هوڏانهن اي سي غلام فاطمه گھلو موجب ته طوفاني برساتن سبب ميھڙ تعلقي جي اندر تمام گھڻو نقصان رسيو آھي، برساتي پاڻي کي نيڪالي لاءِ اپاءَ ورتا آھن
مبارڪپور: موسيٰ الھه آباد شاخ کي لڳل 2 گهارا بند، فصل لڙهي ويو
مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ مور کوسو ۽ ڳوٺ زراق بروهي وٽان موسيٰ الھه آباد شاخ کي 2 گهارا لڳڻ جي ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد آبپاشي عملي گهارن واري هنڌ پهچي بند ڪري ورتا، جڏهن ته گهارن سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل لڙهي ويو، ڳوٺ مور کوسو وٽان شاخ کي 70 فوٽ ۽ ڳوٺ زراق بروهي وٽان 30 فوٽ جا گهارا لڳا هئا، آبادگارن مطالبو ڪيو ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي
قمبر ۾ پوليس اسٽيشن سميت مختلف علائقا برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏل
قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ برساتي پاڻي سٽي ٿاڻي کي ٻوڙي ڇڏيو، ايس ايچ او، هيڊ محرر جي آفيس، مال خاني ۽ لاڪ اپ اندر به پاڻي 3 کان 4 فٽ تائين بيٺل آهي، پوليس ڀر ۾ واقع مسجد ۾ ڪاروهنوار هلائڻ لڳي، برساتي پاڻي مختيار ڪار آفيس ۾ ڪاهي پيو، انتظاميا پاڻي ڪڍرائي نه سگهي، سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او موجب، ضروري سامان کڻي عارضي طورٿاڻي ڀرسان مسجد ۾ ويهي ڪم ڪار هلائي رهيا آھيون، قيدين کي جڊيشنل لاڪ اپ ۾ منتقل ڪيو آھي، ٻئي پاسي برسات جو پاڻي ٿاڻي جي ڀر ۾ واقع ڪرڪيٽ گرائونڊ اندر 5 فوٽن تائين بيٺل آهي، جڏھن ته برساتي پاڻي مختيار ڪار آفيس به تلاءَ جو ڏيک ڏئي رهي آهي، برساتي پاڻي گرلس هاءِ اسڪول ۾ تلاءَ جي صورت ۾ بيٺل آهي
شھدادڪوٽ: لائبريري ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل، شاگردن جو احتجاج
شھدادڪوٽ )رپورٽ: امير علي مڱڻهار) شھدادڪوٽ ۾ شاگردن پاران لائبريري مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندي شاگرد محمد حيات تنيو، ابرار کوسو، وسيم مگسي ۽ ٻين چيو ته فوري طور پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي، اسان جي تعليم متاثر ٿي رھي آھي، ميونسپل چيئرمين جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر پاڻي نيڪال نه پيو ڪرايو وڃي، هنن چيو ته لائبرري اندر رکيل قيمتي ڪتاب برساتي پاڻي ۾ خراب ٿي ويا آهن، اڄ تائين پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو ته ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو.
اڏيرولال ۾ اسڪولي عمارت برسات ۾ ٽمي پئي، تعليم متاثر
اڏيرولال وليج (ن پ ا) گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول اڏيرولال اسٽيشن جي عمارت تازي برسات سبب هنڌان هنڌان ٽمي زبون بڻجي وئي، اسڪول جي هيڊ مسٽريس احتياطن شاگردياڻين کي ورانڊي ۾ ويهاري ڇڏيو، اسڪول ۾ فرنيچر، پٽيوالي، چوڪيدار ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، سولر سسٽم نه هجڻ سبب شاگرد گرمي ۾ تڙپڻ لڳا آهن، ان حوالي سان اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي عائشه بي بي موجب ته اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.
لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسين جو احتجاج
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي يار محمد ڪالوني جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ يوسي چيئرمين طرفان علائقي کي نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي رهواسين ظفرالله بروهي، شفيع محمد چانڊيو، ڪپتان جتوئي، غلام علي، احسان علي، عاشق مگسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برساتن کان اڳ نالين توڙي گٽرن جي صفائي نه ڪرائي هئي جنهن ڪري پاڻي بيهجي ويو، هنن چيو ته پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ يوسي چيئرمين اسلم مغيري سميت ميونسپل ڪارپوريشن جي انتظاميه ۽ عملي کي شڪايتون ڪيون پر پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو، هنن چيو ته 2 ڏينهن اڳ 11 ورهين جو نينگر جواد چانڊيو برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو هو، معصوم ٻارن جون حياتيون داءُ تي لڳي ويون آهن پر افسوس جو ڪير دانهن ٻڌڻ وارو به ناهي، هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي يوسي چيئرمين اسلم مغيري کي هٽايو وڃي.
ميروخان: ڪچي آبادي جي رهواسين جو برساتي پاڻي ۾ بيهي احتجاج
ميروخان (ن پ ا) ميروخان ۾ ڪچي آبادي جي رهواسين برساتي پاڻي ۾ بيهي احتجاج ڪيو، ڀٽي محلا جي رهواسين حافظ ڪليم الله تنيو، عديل کوکر، عبدالرئوف چنجڻي، شهمير گاڏهي، عبدالرحمان تونيو، امتياز رند ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي آهي، گهرن اندر پاڻي بيٺل آهي، روڊ رستا ٻڏي ويا آهن، سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، هنن چيو ته چئوطرف برساتي پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ڪچا گهر ڊهڻ شروع ٿي ويا آهن، خوف کان معصوم ٻارن کي اسڪول ۽ گهر کان ٻاهر نه ٿا ڇڏيون، هنن وڌيڪ چيو ته ٽائون چيئرمين لياقت ابڙو پاڻي ڪڍرائڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، ايم پي اي نثار کهڙو ۽ ايم اين اي خورشيد جوڻيجو ووٽ وٺڻ کانپوءِ سار نه لڌي آهي، هنن اپيل ڪئي ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.
ڪنڊيارو: برسات متاثرن کي گهر ٺهي نه مليا: کليل آسمان هيٺ ويٺل
ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو تعلقي ۾ 2022ع ۾ پيل برساتن سبب متاثر ٿيلن جا گهر نه ٺهي سگهيا، تازو پيل برساتن هڪ ڀيرو ٻيهر سندن اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي، سرڪار جي سروي ٽيم پاران اعلانيل 32 هزار گهرن مان صرف 8 هزار برسات متاثرن جا گهر ٺهي سگهيا، جڏهن ته باقي برسات متاثر بي يارو مددگار هجڻ ڪري کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن، جن هاڻوڪين برساتن سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏنو، متاثرن دانهيو ته گذريل سال پيل برسات تباهي مچائي ڇڏي هئي، لسٽ ۾ نالا ته آيا پر هن مهل تائين گهر ناهن ٺهي مليا، هنن چيو ته هاڻي پوندڙ برساتن ۾ کين پريشانين سان منھن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن.
نوشهري فيروز جا اسڪول برساتي ۾ پاڻي ۾ ٻڏل: پڙهائي متاثر
نوشهروفيروز (رپورٽر) برساتن جي وسڪاري سبب ضلع نوشهروفيروز جي اسڪولن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، نوشهروفيروز ضلع جي 20 کان مٿي اسڪول پاڻي ۾ ٻڏل آھن، اسڪولن ۾ ڪيترائي فوٽ پاڻي بيھڻ سبب تدريسي عمل متاثر ٿيو آھي خانواھڻ، ھالاڻي، ڪمال ديرو، ڪنڊيارو، نور پور ۽ نوشھري شھر جا مختلف اسڪولن جي عمارتن ۾ پاڻي بيھڻ ڪري شاگردن جي پڙهائي سخت متاثر ٿي آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي اسڪول جي ڪجھه ڪلاسن جي ڇتين جا چاپڙ ڪري پيا، هوڏانهن ضلع انتظاميا نوشهروفيروز پاران اسڪولن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به قدم ناھن کنيا ويا، ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر نوشهروفيروز محمد اسلم راڄپر ٻڌايو ته ضلعي جي اسڪولن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا کي لکيو آھي پر هن وقت تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو وڃي.