ميهڙ ۾ درگاهه اڪبر شاهه جي مزار جا چاپڙ ڪري پيا، طالبن ۾ ڀاڄ

ميهڙ ۾ درگاهه اڪبر شاهه جي مزار جا چاپڙ ڪري پيا، طالبن ۾ ڀاڄ

ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ ھڪ صدي اڳ قائم ٿيل علمي روحاني سياسي سماجي مذھبي شخصيت سيد علي اڪبر شاهه جي مزار جا اندرين حصي جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا درگاه تي آيل زائرين ۽ مسجد اڪبري ۾ پڙھندڙ طالبن ۾ ڀاڄ پئجي وئي،  سرڪار پاران مزار جي نئين سر تعمير لاء ڪو قدم نه کنيو سيد علي اڪبر شاھ جي فرزند سيد محمد شاه آف ميھڙ ۽ مختلف سياسي سماجي علمي ادبي اڳواڻن موجب ته عظيم ، عالم، مصلح، سماجي مذھبي شخصيت سيد علي اڪبر شاهه جي مزار کي سرڪار وساري ڇڏيو آھي،  ھنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ثقافت توڙي اوقاف کاتي تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ سرڪار جي اھم اڳواڻن کي به مزار جي نئين سر تعمير لاء گذارش ڪئي آھي پر ان باوجود به ڪو قدم نه کنيو ويو آھي ھنن چيو ته اوچتو درگاه جا چاپڙ ڪرڻ سبب درگاه تي آيل زائرين ۽ مسجد اڪبري م پڙھندڙ ٻارڙن ۾ رڙيون پئجي ويون ھنن مطالبو ڪيو  ته درگاهه سيد علي اڪبر شاهه جي مزار جو نوٽيس وٺي مزار کي نئين سر تعمير ڪرايو وڃي ته جيئن وڌيڪ ڪو نقصان نه ٿي سگھي