ميهڙ ۾ ريلي ڪڍندڙ 45 شهرين تي ٽيون ڪيس داخل: واپاري سراپا احتجاج

جُولاءِ 24, 2023

ميهڙ(ن پ و) ميھڙ ۾ بدامني ۽ واپارين تي دھشتگردي ائڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ واري واقعي خلاف واپارين پاران ڏنل ٽوڪن ھڙتال واري سڏ بعد شھري واپاري رستن تي نڪري آيا

 واپارين ۽ شھرين پاران نبيل پنھور ،  جان محمد جھنڊير،  ايوب کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي

واپارين ۽ شھرين ميھڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني خلاف احتجاج ڪندڙ  شھرين تي دھشتگردي ائڪٽ سميت 2 ڪيس داخل ڪرڻ خلاف زوردار نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي واپارين ء شھرين جو چوڻ هو ته افسوس جو ميھڙ ۾ بدامني وڌيل آھي پوليس ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران شھرين تي دھشتگردي ائڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري رھي آھي

ھنن چيو ته شھرين کي دھشتگرد قرار ڏيڻ بدران پوليس ڏوھارين کي پڪڙي ته جيئن شھر ۾ امن ٿي سگھي

واپاري اڳواڻن گھر ڪئي ته ميھڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني کي ٻنجو ڏئي واپارين ۽ شھرين تان دھشتگردي ائڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس ختم ڪري ڏوھارين خلاف آپريشن ڪيو وڃي

ٻئي طرف ميھڙ بدامني خلاف ريلي ڪڍنڌڙ وڌيڪ 45 ماڻھن  خلاف ٽيون  ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس پاران اي ايس آءِ غلام مصطفي سولنگي جي فرياد تي گذريل ڏھاڙي بدامني خلاف ريلي ڪڍنڌڙ شھرين تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾  ھل ھنگامو ، جلوس ڪڍڻ ،شھر دڪان بند ڪرائڻ ۽ افراتفري جا قلم لڳايا ويا آھن

ڪيس ۾ واپاري اڳواڻ نياز علي ٻرڙو، ڪامران شاھ ، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر ، محمد بخش بروھي ، يعقوب مھيسر، عمران ابڙو، شان ابڙو، زبير سمون، عبدالمجيد مھيسر ، نظير سھاڳ، عرس کوسو ، نظير جانوري ، جاويد منگي ، عبدالله مڱڻھار ، مير لاشاري ، گلشير سوڍر ، شير آڳرو ،محبوب کوسو ، گفتار کوسو ۽ ٻيا شامل آھن

Leave A Comment