ميهڙ ۾ شادي خوشيون سنڌوءَ جي نانءُ: گھوٽ ۽ ڄاڃين جا ڪئنال نامنظور جا نعرا
اپريل 5, 2025
ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي نوجوانن پنھنجون شادي جون خوشيون به سنڌو درياءُ سان منسوب ڪري ڇڏيون. مقامي شادي ھال ۾ ميھڙ بار جي وڪيل عمران لاکير جي گھوٽ ڀاءُ عرفان علي لاکير جي شادي جي وليمي دوران شادي ھال ۾ مک اسٽيج تي سنڌو درياءَ تي ڪئنال سمورا نامنظور جو بئنر ھڻي ڇڏيو، جنھن سبب شادي ھال ۾ ايندڙ ماڻھو به گھوٽ سان ڪئنال سمورا نامنظور جا نعره ھڻندا گھوٽ کي مبارڪون ڏيندا رھيا. ان موقعي تي گھوٽ عرفان علي لاکير ۽ سندس ڀاءَ وڪيل عمران لاکير جو چوڻ ھو ته سنڌو وھندو ته خوشيون به ھونديون ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ سڪي ويندي ۽ ماڻھن جون خوشيون ختم ٿينديون سنڌو درياءَ اسان جو جياپو آھي ان کي سڪڻ نه ڏبو، شادي تقريب ۾ شامل مھمانن ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا ھڻي گھوٽ سان تصويرون ۽ ٽڪ ٽوڪ ٺاھي پنھنجو احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرائيندا رھيا.