ميهڙ ۾ عورتن جو گروهه سرگرم، واپاري کان 6 لک ڦري ورتا، شهرين مڙسي ڪري پڪڙي ورتيون

اپريل 15, 2024

ميھڙ(رپورٽر) ميھڙ ۾ عورتن واپاري کان 6 لک رپيا کسي ورتا، واپاري جي رڙين بعد شھرين مڙسي ڪري عورتن کي سوگھو ڪري ورتو، پوليس واپاري جا چوري ٿيل 6 لک وصول ڪري واپاري حوالي ڪرڻ بعد عورتن کي آزاد ڪري ڇڏيو

 واپاري روشن سولنگي موجب ميھڙ جي مصرف ترين چوڪ گھنٽا گھر وٽ خانگي بئنڪ مان 6 لک رپيا ڪڍرائي  ٻاھر نڪتس ته 7 عورتن کيس گھيري ورتو ۽ خيرات گھرڻ جي بھاني پئسن سان ڀريل ٿيلهي کسي ورتي، جنھن بعد رڙين تي بينڪ جي گارڊ ۽ موجود شھرين عورتن کي پڪڙي ورتو

اطلاع بعد ميھڙ بي سيڪشن ۽ ون فائيو پوليس پھچي عورتن کي تحويل ۾ وٺي ون فاءِ سينٽر کڻي ويا، جڏھن ته پوليس کسيل 6 لک روپيا عورتن وٽان ھٿ ڪري مون حوالي ڪري ڇڏيا آھن

 واپاري روشن سولنگي سميت ٻين واپارين جو چوڻ آھي ته ميھڙ ۾ عورتن جو ھڪ منظم گروھ پوليس جي آشيرواد سان ڏوھن ۾ سرگرم آھي، گرفتار ٿيل 7 عورتن مان مسمات شريفان کوسو نالي ھڪ عورت گروهه جي سربراهه ٻڌائي پئي وڃي، جيڪي دڪاندارن، واپارين ۽ شھرين کي موقعي ملندي ئي، مختلف بهانن تحت ڦرينديون رھيون آھن

 ھنن چيو ته گروهه سڳ سوڌو ھٿيڪو ھجڻ ۽ رقم برآمد ٿيڻ باوجود پوليس عورتن جي گروھ خلاف ڪارروائي ڪري ناھي سگھي

 ھوڏانھن پوليس واردات ڪندڙ عورتن جي گروھه شريفان کوسو سميت سمورين عورتن کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي، شھرين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ايس ايس پي دادو کان گھر ڪئي آھي ته سڳ سوڌو گرفتار ٿيل عورتن جي گروھه خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ واپاري ڦرجڻ کان بچي سگھن

ٻئي طرف ميھڙ ون فائيو انچارج موجب واپاري کان پيسا ڦرڻ جو اطلاع مليو، بروقت پھچي عورتن کي تحويل ۾ وٺي واپاري کان کسيل رقم واپس ڪرائي ۽ عورتن وٽ معصوم ٻار ھجڻ ۽ واپاري پاران ڪارروائي نه ڪرائڻ تي عورتن کي آزاد ڪيو آھي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون

Leave A Comment