ميهڙ ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان جھيڙو، فائرنگ سبب 1 ڄڻو قتل، 2 ڄڻا زخمي، ڇڪتاڻ
مارچ 25, 2025
ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءِ پاس انڊس ھاءِ وي وٽ ڪمانگر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 31 ورھين جو نوجوان بخت علي جتوئي قتل ٿي ويو ۽ سندس ويجھو مائٽ نوجوان اظھر جتوئي۽ هڪ واٽھڙو نوجوان سجاد پنھور زخمي ٿي پيا. فائرنگ دوران ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. مقتول جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو، جڏھن ته زخمين جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري انھن کي وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو. مقتول فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش اباڻي ڳوٺ قائم جتوئي پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته واقعي جو ڪيس ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي 6 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي. مقتول جي سئوٽ فھيم جتوئي جي فرياد تي جوابدار ڪرم نواز ملڪ ، محمد علي تنيو ، مير ، ديدار ، طارق دودو عرف رضا محمد ڪمانگر ۽ ٻين خلاف داخل ڪيو ويو آھي. فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدارن سان مزدا گاڏين جي خريداري دوران پئسن جي ڏيتي ليتي تان معاملو ھلندڙ ھيو جوابدار امانت ۾ بيٺل گاڏي ڪاھي پنھنجي دڪان تي بيھاري پڇا ڪرڻ تي گارگند ڪري حملو ڪري بخت جتوئي کي فائر ڪري قتل ڪيو جڏھن ته اظھر جتوئي کي زخمي ڪيو آھي ھوڏانھن جھيڙي دوران زخمي ٿيل واٽھڙو نوجوان سجاد پنھور جو ڪيس ۾ ذڪر نه ڪيو ويو آھي جڏھن ته ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته ميھڙ پوليس پاران ڪارروائي ڪندي 2 عورتن سميت چئن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته ميھڙ اي سيڪشن پوليس پاران ڪا به گرفتاري ظاھر ڪري نه سگھي آھي. پوليس موجب ڪمانگر ۽ جتوئي برادري جو پيسن جي ڏيتي ليتي تان گذريل ڏينھن ڇڪتاڻ ٿي ھئي، ڌريون جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي پئي.