| ميهڙ ۾ ڌنڌ، انڊس هاءِ وي وٽ حادثو، پيرسن فوت، 5 زخمي |
ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ شديد ڪوھيڙي سبب انڊس ھاءِ وي سٽي ھوٽل ڀرسان ڊوم گاڏي جي ٽڪر ۾ ڳوٺ سائينداد گوگاڻي جو پيرسن ڪوڙل کوسو فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پھچي فوتي جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال ميھڙ پھچايو پوليس موجب انڊس ھاءِ وي سٽي ھوٽل ڀرسان ڪوھيڙي سبب ڊوم گاڏي ھڪ راھگير کي ٽڪر ھڻي فرار ٿي وئي اطلاع تي پھچي زخمي کي کڻي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو جتي ھي فوت ٿي ويو آھي فوتي شخص جي سڃاڻپ ڳوٺ سائينداد گوگاڻي جو رھواسي فقير صفت شخص ڪوڙل کوسو طور ٿي آھي تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ داخل ٿيل زخمين ۾ نظير، احمد علي، شبيران، ساجد ۽ ٻيا شامل آھن ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب زخمين جو تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ ئي اعلاج ڪيو ويو جڏھن ته فوتي شخص جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، دڪان مارڪيٽون، شھر، بازارون بند رھيون پورھيتن ۽ ڪکاوان گھرن ۾ رھندڙ مسڪين ماروئڙن جي اھنجن ۾ اضافو ٿي ويو