تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ميٽامارفوسس … فرانز ڪافڪا/مجيب اوٺو

صبح جو سويل اٿڻ به ماڻهوءَ کي بيوقوف بڻائي ڇڏي ٿو.هو مئنيجر جو لاڏلو هو، جنهنکي نه ڪرنگهي جي هڏي هئي ۽ نه دماغ.سندس ڪوشش جنون ۾ بدلجي وئي ۽ هن پنهنجي سموري طاقت سان پاڻ کي اڳتي ڌڪيو.ڪاش، ڪوئي مددگار هجي ها ته ڪيڏي سولائي ٿئي ها.ڪاروبار جي لحاظ کان هي مهينا سٺا ته ناهن پر هنن مهينن ۾ ڪاروبار بنھ نه ڪرڻ ته ڪاهلي ئي آهي. شايد، هر ماڻهوءَ جي ڪنن کي پنهنجو آواز صاف ٻڌڻ جي عادت هوندي آهي. ڪيترين مالي ۽ جاني مشڪلاتن سندن اڳڪٿيءَ جي صلاحيت کي ختم ڪري ڇڏيو هو.سندس روح به زخمي ٿي چڪو هو ۽ دل خاموش رت جا ڳوڙها روئڻ لڳي هئس.هن جي روح مان هڪ بي آواز، بي شڪل آھ نڪتي. جيئڻ جي لاءِ پئسا ته ڪمائڻا ئي هئا.
مٿيون سٽون فرانز ڪافڪا جي مشهور ناول Metamorphosis جي سنڌي ترجمي جون آهن. هي ناول 1915 ۾ جرمن ٻوليءَ ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيندو نيٺ سنڌي ويس ۾ به اچي ويو. ناول جي ڪهاڻي سامسا خاندان جي گهر اندر واقع پذير آهي. سمورا واقعا ان ننڍي گهر اندر ئي پيش اچن ٿا. ناول جي وڏي سونهن اها آهي جو ڪهاڻيءَ ۾ نه ڪردارن جي گهڻائي آهي ۽ نه ئي واقعن جي گهڻائي آهي. مطلب ته ڪنهن به غيرضروري ڪردار کان مڪمل پاسو ٿيل آهي.
ڪهاڻي جو خلاصو:
ڪهاڻي جي شروعات نوجوان گريگر سامسا جي اوچتو هڪ هيبتناڪ جيت جي شڪل ۾ تبديل ٿيڻ سان ٿئي ٿي. گريگر سامسا هڪ صبح جو سجاڳ ٿئي ٿو ته پنهنجي شڪل تبديل ٿيل ڏسي ٿو. کيس ڪيترائي هٿ/پير هجن ٿا ۽ سندس پٺيءَ تي کوپي جهڙي گول مضبوط بيهڪ هجي ٿي. گريگر کي جلدي آفيس وڃڻ جي پريشاني آهي. ٻي صورت ۾ سندس مئنيجر پاڻ يا ڪنهن ٻئي ملازم کي سندس گهر موڪليندو. هو بستر مان اٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر کيس شديد تڪليف کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. ان دوران سندس پيءُ مسٽر سامسا ۽ ماءُ مسز سامسا کيس ٻاهر نڪرڻ ۽ آفيس وڃڻ لاءِ سڏ ڪندا رهن ٿا. هو کين ٻاهر اچڻ جو چوي ٿو. سندس آواز به بدلجي ڳورو ٿي ويو آهي. ايتري ۾ سندس آفيس جو مينيجر به اچي وڃي ٿو. گريگر مشڪل سان اٿي در کولي ٿو ته سندس بگڙيل حالت ڏسي مئنيجر ڊڄي ڀڄي وڃي ٿو. سندس پيءُ کيس ڏسي نفرت جو اظهار ڪري ٿو. سندس ماءُ ساڻس همدرديءَ سبب بيهوش ٿي وڃي ٿي. سندس ننڍي ڀيڻ گريٽ ساڻس همدردي ڪري ٿي ۽ پوءِ سندس سارسنڀال لهڻ شروع ڪري ٿي. سندن گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڪراڙي نوڪرياڻي به ڊڄي ڪم ڇڏي هلي وڃي ٿي.
ڪردار:
01-گريگر سامسا:ڪهاڻي جو مکيه ڪردار آهي. واپاري آفيس جو گهوراڙو آهي. سخت محنتي ۽ ايماندار آهي. والدين ۽ ڀيڻ سان محبت ڪندڙ، فرمامبردار ۽ ذميوار نوجوان آهي. هو شروع ۾ اهو ٿو سمجهي ته هيءَ سندس وقتي تبديلي آهي جيڪا جلد ٺيڪ ٿي ويندي ۽ هو اڳ جيان پراڻي شڪل ۾ اچي ويندو. هو پنهنجي بگڙيل حالت تي ڏاڍو پريشان ۽ شرمسار رهي ٿو. لڄ وچان ڪمري مان ٻاهر به نه ٿو نڪري.سندس بدليل حالت دوران سندس پيءُ کيس هڪ ڀيرو صوف هڻي مار به ڏئي ٿو. هڪ صوف سندس پٺيءَ ۾ کُپي وڃي ٿو جيڪو کيس گهمڻ ڦرڻ ۾ تڪليف ڏيندو رهي ٿو.
02- گريٽ: گريگر سامسا جي ڀيڻ آهي. شروع ۾ ڀاءُ جو خيال ڪندڙ، سندس ڪمري جي صفائي، ۽ سندس کاڌي پيتي جو خيال رکندڙ آهي. اڳتي هلي هوءَ آفيس ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ٿي ۽ پوءِ گريگر ڏانهن سندس همدردي واري سوچ ۽ ذميوارين ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ گريگر جي جسماني تبديليءَ سان گڏ گريٽ جي سوچن ۾ به تبديلي آيل آهي. آخر ۾ سندس والدين کيس جلد شادي ڪرڻ جو چون ٿا جيڪا هوءَ شرم وچان خوش ٿي ٻڌي ٿي.
03-مسٽر سامسا: گريگر جو پيءُ آهي. گريگر جي اوچتو بدليل حالت جي پهرئين ڏينهن کان ئي هو پٽ کان نفرت ڪري ٿو. ساڻس سختي سان پيش اچي ٿو. سندس مطابق هاڻي هي اسان جو پٽ نه پر ڪو نفرت جوڳو جيتڙو بڻجي چڪو آهي. ان ڪري ساڻس پٽ بدران ان جيت جيان ئي ورتاءُ ڪيو وڃي.
04-مسز سامسا: گريگر جي ماءُ آهي. هوءَ گريگر جي اوچتو تبديليءَ کان پوءِ به ساڻس پيار ڪندي رهي ٿي. نازڪ دل هئڻ سبب پٽ جي بگڙيل حالت ڏسي بيهوش ٿي وڃي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ هوءَ ٻه ٽي ڀيرا پٽ جي ڪمري ۾ وڃي سندس سنڀال لهڻ جو ڪم ڪرڻ جي نيت رکي داخل ٿئي ٿي پر هر ڀيري بيهوش ٿي يا ڊڄي واپس موڙي ٿي. ان کانسواءِ آفيس مئنيجر، ڪراڙي نوڪرياڻي، گهر ۾ ڪرائي تي رهندڙ ٽي مهمان، نئين نوجوان ۽ سخت مزاج نوڪرياڻي پڻ شامل آهن. انهن جا ڪردار بلڪل مختصر آهن.
ڪهاڻي دنيا اندر تبديل ٿيندڙ انساني حالتن ۽ رشتن جي عڪاسي ڪري ٿي. هڪ نوجوان جيڪو سخت ڪم ڪار دوران ڪڏهن به پنهنجي حالت بهتر ڪرڻ بابت نه سوچي سگهيو اهو بيڪار بڻجڻ کان پوءِ پنهنجي بهتر حالت بابت سوچڻ لڳي ٿو. ان مان اهو درس ملي ٿو ته مصروف زندگيءَ مان وقت ڪڍي پنهنجي بهتر حالت ۽ سٺي مستقبل بابت سوچي منصوبابندي ڪجي. انسان جي بيڪار ٿي وڃڻ کان پوءِ ويجها رشتا به بيزار ٿي وڃن ٿا. پيءُ، ماء، ڀيڻ سميت سڀ تنگ ٿي پاسو ڪرڻ لڳن ٿا. صحتمند انسان جو جسماني طور بيڪار ٿيڻ واري تبديلي سان گڏ رشتن جي محبتن ۾ تبديلي اچڻ جو به سٺو مثال ڏنل آهي. جينءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪو آهي ته “سڀ ڪو چڙهئي جو يار، ڪِريل جو ڪير به ناهي.” ڪافڪا هن ڪهاڻيءَ وسيلي ساڳيو پيغام ڏيندي ملي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ قربانيءَ جو عنصر پڻ شامل آهي. گريگر سامسا جيڪو ڀوائتي جيت ۾ تبديل ٿي بيڪار بڻجي وڃي ٿو اهو جڏهن محسوس ڪري ٿو ته هو هاڻي گهر ڀاتين تي بار بڻجي ويو آهي ته کائڻ پيئڻ ڇڏي خودڪشي ڪري سندن بار هلڪو ڪري ڇڏي ٿو.
گريگر جو بيڪار ٿي گهر ڀاتين مٿان بار بڻجي وڃڻ جي انتها اها آهي جو گريگر (ڀوائتي جيت) کي دفنائڻ لاءِ به والدين پاران ڪي قدم نه ٿا کنيا وڃن. نوڪرياڻي کين آٿت ڏيندي چوي ٿي ته اهي فڪر نه ڪن هوءَ ان جيت کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيندي. گريگر ان تبديل ٿيل حالت ۾ ٽي مهينا کن رهي ٿو. سندس مرڻ واري رات جي صبح تي سندس والدين ۽ ڀيڻ ٻاهر گهمڻ جو منصوبو جوڙين ٿا. اهي ٻاهر هڪ هوٽل تي ويهي گريٽ جي شاديءَ جي ڳالھ ڪن ٿا. ان مان “زندگي ڪنهن جي هجڻ يا نه هجڻ سان رڪبي ناهي” جو درس ملي ٿو. هڪ زندگي وئي ته ٻي زندگي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. ڏکن پويان سک ايندا رهن ٿا. انسان جلد ئي پنهنجن پيارن کي وساري ويهي ٿو. پنهنجن جا ڪيل احسان به وسري وڃن ٿا. گريگر سامسا ڪهڙي جيت ۾ تبديل ٿيو؟ هي سوال به انتهائي اهميت رکي ٿو. اول ته گريگر مڪمل طور تبديل نه ٿيو هو. هو اڌ انسان ۽ اڌ جيت بڻيل هو. جيت مان ڪاڪروچ، ٽنڊڻ، تڏ، يا کٽمل هئڻ جا اشارا ملن ٿا.
ڪافڪا هي هڪ تمثيلي ناول Allegorical Novel لکيو آهي. هتي گريگر جي حالت تبديل ٿيڻ جي تمثيل بيڪار بڻجڻ ڏانهن آهي. جڏهن ته ناويلا جي نالي مطابق انسان جي جسماني حالت ۾ به تبديلي اچي ٿي ته رشتن جي ورتاءَ ۾ پڻ تبديلي اچي ٿي. اهم ڳالھ رشتن جي ورتاءَ ۾ آيل تبديلي آهي. فرانز ڪافڪا جو هي ناول Novel Of Absurdity ۾ پڻ شمار ٿئي ٿو. زندگي حقير آهي. رشتن جي ڪا اهميت ناهي. ڏکئي وقت ۾ مدد نه ٿي ملي. انسان اڪيلو آيو ۽ اڪيلو ويندو. انسان جو ڪو مُلھ ناهي ۽ هو معمولي جيتڙي جيان بي قدر ٿي موت جي ور چڙهي ويندو جهڙيون شيون هن ناويلا کي ان صف ۾ بيهارين ٿيون.
موضوع: ڪهاڻيءَ ۾ انساني بي قدرائپ، انسان جو حقير ۽ معمولي هئڻ، اخلاقي قدرن جو ڪِرڻ، همدردي، خدمت، سنڀال ۽ قرباني جي جذبن جو گهٽجي وڃڻ جهڙا موضوع شامل آهن.هن ناول دنيا اندر کوڙ مڃتا ماڻي ۽ هر دور ۾ بحث جا نوان در کوليندو رهيو آهي. ڪتاب جي پهرئين اشاعت کي سئو سال گذري وڃڻ کان پوءِ به ڪهاڻي ۽ ان جا موضوع اڄ جي حالتن جي عڪاسي ڪندي نظر اچن ٿا. مجيب اوٺو پاران سنڌي ترجمو ڪرڻ به سٺي ڪاوش آهي. عالمي ادب جو سنڌي ۾ ترجمو ٿيڻ وسيلي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي سگهارو بڻائي ٿو. دنيا جي مشهور ڪتابن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ سان پڙهندڙن کي دنيا جي ادب بابت ڄاڻ به ملندي رهي ٿي ته لکيڪن کي نوان گس ۽ اشارا به ملن ٿا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *