ميٽرڪ جا امتحان ڪاپي جي ڌم سان شروع، پيپر آئوٽ، سوين ڪاپي ڪيس

اپريل 8, 2025

ڪراچي / حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان ) سنڌ  جي ٽن تعلميي بورڊ پاران  نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحان شروع  ويا،  سينٽرن ۾ 144 قلم لاڳو ٿيڻ باوجود  ڪاپي  جي ڌوم متل رهي. جڏهن ته ڪيترن ئي اميدوارن کي ڪاپي ڪندي پڪڙيو ويو  لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگرانيءَ هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جا ساليانه امتحان شروع ٿي ويا آهن، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي سان واسطو رکندڙ 112735 شاگرد ۽ شاگردياڻيون حصو وٺي رهيا آهن. تعليمي بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب تعليمي بورڊ طرفان لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه جي مجموعي طور 181 امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ميرپور خاص ۾ تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي زيرنگراني نائين ء ڏهين ڪلاس جا پيپر شروع، پهرين ڏينهن نائين ء ڏهين ڪلاس انگلش جي پيپر ۾ ڪاپي جي ڌم متل، پيپر پڻ وقت کان اڳ واٽس اپ گروپن زريعي آئوٽ،بورڊ جي ويجلنس ٽيمن پاران 70 شاگرن کي ڪاپي ڪيس ڪندي ڪاپي ڪرائڻ جي الزام ۾ 6 انويجيليٽر پڻ هٽائي ڇڏيا، تعليمي بورڊ پاران نائين ڪلاس جي پيپر لا۽ انتظام پڻ اڻ پورا، ڪرسيون نه هجڻ ڪري شاگردن پٽ تي ويهي پيپر ڏنو،جڏهن ته امتحاني سينٽرن ۾ فرنيچر جي کوٽ سميت بجلي بند هجڻ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا پڻ رهيا،ڪنري تعلقي ۾ نائين ۽ ڏھين جي امتحانن لاءِ ڪُل 6 امتحاني مرڪز قائم، 4 هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پيپر ڏنو ، پھرين ڏينھن تي نائين ۽ ڏھين درجي جي انگريزي جو پيپر ورتو ويو جڏھن ته پهرين ڏينھن تي نقل جي ڌم متل رهي، نفيس نگر جي  پهرين ڏينهن تي فضل ڀنڀرو هاءِ اسڪول ۾ نائين جماعت جو انگريزي جو پيپر ۽ ڏهين جماعت جو پيپر ورتو پيو وڃي،سينٽر ۾ ٽوٽل ڇوڪرا 236 ۽ ڇوڪريون ٽوٽل55 نائين ۽ ڏهين امتحان ڏيئي رهيا آهن جنهن ۾ نائين ڪلاس جا ٽوٽل ڇوڪرا 124 ۽ ڇوڪريون 33 امتحان ڏيئي رهيون آهن جڏهن ته ڏهين ڪلاس جي پيپر ۾ ٽوٽل ڇوڪرا 112 ۽ ڇوڪريون 22 امتحان ڏيئي رهيون آهن جڏهن ته امتحاني سينٽر تي  قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. تعليمي بورڊ سکر طرفان جاري  ڪيل شيڊول مطابق نائين  ڪلاس جا پيپر اڄ کان شروع ٿي ويا جڏهن ته اڄ نائين درجي جو متعارف ڪرايل آن لائن آٽوميشن سسٽم پهريون ڀيرو  انگريزي جو پيپر  ورتو ويو جتي  شاگرد وڏي تياري سان پيپر ڪرڻ مصروف رهيا اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي ۾ امتحاني سينٽر ريتي ،کنڀڙا ،ڪموشهيد ،ها۽ اسڪول اوٻاوڙو ۽ گرلز اسڪول  سميت 7 کان  مٿي مقرر ڪيا ويا جتي مجموعي طور تي پيپرن ۾  پنج هزار کان مٿي شاگردن ۽ شاگردياڻن حصو ورتو  جتي تعلقي اندر ڪاپي جي روڪٿام لا۽   پنج   ڇاپا مار ٽيمون مقرر ڪيون ويو آهن جيڪي پوري تعلقي اندر وزٽ ڪنديون   پيپرن  دوان 144 قلم لاڳو ڪري  پوليس سينٽرن تي مقرر ڪئي وئي .

 

Leave A Comment