ميچ هٿن ۾ هئي: شان مسعود پاران ناڪامي جو اعتراف

ميچ هٿن ۾ هئي: شان مسعود پاران ناڪامي جو اعتراف

ڍاڪا (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ڪپتان شان مسعود ميچ کان پوءِ ڳالهائيندي چيو ته پهرين اننگز ۾ بالنگ ۽ بيٽنگ ٻنهي ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي پئي. خاص طور تي جڏهن توهان ڇهن مهينن کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هجو. هن چيو ته هو ڊيبيو ڪندڙ ٻنهي بيٽرن جي ڪارڪردگي مان تمام خوش آهي ۽ کيس اميد آهي ته هو مسلسل سٺي راند پيش ڪندا. شان مسعود تسليم ڪيو ته ڪيترن ئي موقعن تي ميچ پاڪستاني ٽيم جي هٿ ۾ هئي پر ميچ تي مضبوط گرفت برقرار رکڻ ۾ ناڪامي ٿي.