| ميڊيا هائوسز ۽ صحافين کي سهولتون مهيا ڪبيون: شرجيل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته فلمي منصوبن جو بنيادي مقصد قومي بيانئي کي ھٿي وٺرائڻ ۽ معاشري ۾ ھاڪاري لاڙن کي اجاگر ڪرڻ آھي، سنڌ حڪومت فلمي صنعت جي بحالي ۽ اُنهي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رھي آھي. اسان چاھيون ٿا تھ پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي اصل ثقافت، تاريخ ۽ معاشرتي سونھن کي جديد انداز ۾ دُنيا آڏو پيش ڪيو وڃي. ڪالهه اطلاعات کاتي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ سرڪار ميڊيا هائوسز ۽ صحافين کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، هن چيو ته ھاڪاري ۽ ذميواراڻي صحافت معاشرتي ترقي ۾ اھم حيثيت رکي ٿي، سنڌ حڪومت ميڊيا ھائوسز ۽ صحافين سان سھڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاھي ٿي. اجلاس ۾ اطلاعات واري وقتي سيڪريٽري معيذ پيرزادو، ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزمينٽ محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر فلمز حزب اللھ ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزمينٽ سارنگ لطيف چانڊيو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ميڊيا ھائوسز ۽ صحافين لاءِ سنڌ حڪومت جي قدمن ۽ سھولتن جو جائزو ورتو ويو. اطلاعات کاتي تحت مڪمل ٿيندڙ فلمي منصوبن جي مستقبل، پبلسٽي ۽ جوڳي استعمال بابت اھم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي نگراني ۾ تيار ٿيندڙ فلمن پروجيڪٽس جي پروموشن بابت حڪمت عملي تي بھ خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي.