ميڊيڪل بورڊ پاران فاطمه تي جسماني تشدد، زيادتي ۽ بدفعلي جي تصديق

آگسٽ 20, 2023

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) راڻيپور جي حويلي ۾ پورهيو ڪندڙ نينگري جي موت واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، فاطمه تي جسماني تشدد جي تصديق، جنسي زيادتي ۽ بدفعلي جي به تصديق ڪئي وئي

ابتدائي رپورٽ موجب فاطمه جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، فاطمه جو چهرو هڪ پاسي کان نيرو ٻئي پاسي کان سائو ٿي چڪو هو

ميڊيڪل رپورٽ موجب فاطمه جي اک، چيلهه، پيشاني، پيرن، گوڏن ۽ هٿن تي به تشدد جا نشان هئا، ڪجهه جزا مائيڪروبيالاجي لاءِ موڪليا ويا آهن

ڊي آءِ جي سکر موجب ميڊيڪل بورڊ پاران شروعاتي رپورٽ ۾ ميڊيڪل بورڊ فاطمه سان جسماني تشدد جي تصديق ڪئي آهي ۽ جنسي زيادتي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي

ڊي آءِ جي جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي حقيقتون مٽائڻ، لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ تي نامزد ڪيو ويندو

ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته حويلي ۾ پوليس ڪيمپ قائم ڪري سمورن مردن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويندا

ڊي آ جي موجب حويلي مان سمورن ٻارن کي فوري طور ريسڪيو ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن موڪلڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن

جڏهن ته جاچ ۾ شامل اڳوڻي ايس ايچ او راڻيپور جو رمانڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڏي منشي، ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر جو به رمانڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

Leave A Comment