| ميڊيڪوليگل آفيسر رشوت ورتي آهي: پوسٽ مارٽم رپورٽ رد، مظاهرو |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ھوسڙي پوليس پاران 25 ڏينهن اڳ مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن پاران پوسٽ مارٽم رد، ميڊيڪوليگل آفيسر تي رشوت وٺڻ جو الزام، هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا چوري الزام هيٺ رهواسين پاران سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪرڻ کان پوءِ فوت ٿي ويل اسحاق پٺاڻ جي وارثن فائنل پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪندڙ ميڊيڪو ليگل آفيسر خلاف ڪالهھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي پوليس حراست ۾ فوت ٿي ويل اسحاق پٺاڻ جي وارثن سعيد اختر,عبدالقيوم خان,رحيم گل خان ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 18 ڊسمبر تي حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا چوري الزام هيٺ رهواسين اسان جي نوجوان اسحاق پٺاڻ کي سوگهو ڪري هوسڙي پوليس حوالي ڪيو جنهن بعد پوليس جاچ جي بهاني اسحاق پٺاڻ کي ظاهر نه ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن پوليس ٻڌايو ته توهان جو نوجوان فوت ٿي ويو آهي جنهن جو لاش سول اسپتال مان وصول ڪريو جتي اسان پهتاسين ته ميجسٽريٽ جي نگراني ۾ اسحاق جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو جنهن رپورٽ ۾ اسحاق جي جسم تي تشدد جي واضع نشانن جي نشاندهي ڪئي وئي جڏهن ته تازو ايم ايل او ڊاڪٽر محمد عديل راجپوت پهرين رپورٽ جي بلڪل ابتڙ فائنل پوسٽ رپورٽ ۾ اسحاق جي موت نيچرل ڏيکاري آهي جيڪا رپورٽ بلڪل بدنيتي تي ٻڌل آهي جنهن کي اسان رد ڪريون ٿا۔