| ميڪال اداڪارائن سان لاڳاپن کان توبهه ڪري ڇڏي |
ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) اداڪار ميڪال ذوالفقار ساٿي اداڪارائن سان رومانوي لاڳاپن جي حوالي سان واضح ڪيو آهي ته هو مستقبل ۾ ڪنهن اداڪاره سان ڪو به لاڳاپو رکڻ نٿو چاهي، اداڪارائون گهڻو ڌيان ۽ سنڀال چاهين ٿيون، جنهن لاءِ هو هاڻي پاڻ کي تيار نٿو سمجهي.ميڪال فني سفر جي شروعات فيشن انڊسٽري کان ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هن اداڪاري جو رخ ڪيو. هڪ تازي پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته سندس هڪ اداڪاره سان رومانوي تعلق هو، هاڻ پراڻي تجربي کانپوءِ ڪنهن ٻي اداڪاره سان ڪو تعلق قائم ڪرڻ نٿو چاهي.