| ميڪسويل ڇائنجي ويو: حيدرآباد ڪنگزمين راولپنڊيز کي هارائي پي ايس ايل جي پلي آف ۾ پهچي وئي: لاهور قلندرز آئوٽ |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ايچ بي ايل پي ايس ايل 11 ۾ حيدرآباد ڪنگز مين راولپنڊيز کي 108 رنز تان شڪست ڏئي پلي آف مرحلي ۾ پهچي وئي. ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ راولپنڊيز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. حيدرآباد ڪنگز مين پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 244 رنز ٺاهيون. حيدرآباد ڪنگزمين طرفان گلين ميڪسويل جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 37 بالن تي 70 رنز ٺاهيون، جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 8 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته عثمان خان 54 ۽ ڪوشال پريرا 50 رنز ٺاهي نمايان رهيا. 245 رنز جي حدف جي تعاقب ۾ راولپنڊيز جي ٽيم 17.1 اوورن ۾ 136 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. راولپنڊيز پاران عثمان خواجا ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ 66 رنز بنائي ناٽ آئوٽ رهيو، پر ٻيو ڪو به رانديگر هن جو ساٿ نه ڏئي سگهيو. حيدرآباد پاران حنين شاهه 4 ۽ عاڪف جاويد 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. حينن شاهه کي شاندار بالنگ ڪرائڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. حيدرآباد ڪنگز مين ميچ کٽڻ سان گڏ راوپنڊيز کي 158 رنسن کان اڳ آئوٽ ڪرڻ سبب بهتر رن ريٽ جي بنياد تي پلي آف لاءِ ڪوائيليفاءِ ڪري ورتو جڏهن ته دفاعي چيمپئن لاهور قلندرز ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي.