| ميڪسيڪو جي حسينا فاطمه بوش ڪائنات جي حسين عورت |
بئنڪاڪ(م ڊ) ٿائلينڊ ۾ ٿيل مس يونيورس 2025 جي فائنل ۾ ميڪسيڪو جي 25 ورهين جي فاطمه بوش تڪرارن ۽ دٻاءَ باوجود شاندار پرفارمنس سان مس يونيورس جو تاج ماڻي ورتو. مقابلي ۾ 120 ملڪن جي سندرين حصو ورتو، جنهن ۾ ٿائلينڊ جي اميدوار رنر اپ رهي، جڏهن ته وينزويلا ۽ فلپائن جون حسينائون به ٽاپ فائيو ۾ شامل رهيون. پاڪستان جي نمائندگي 25 ورهين جي روما رياض ڪئي ۽ فلسطين جي پهرين حسينا نادين ايوب به جلوا ڏيکاريا. فائنل کان اڳ ڊرامائي صورتحال ۾ ٿائي ايونٽ ڊائريڪٽر، فاطمه بوش کي سرعام ڇنڊ پٽيندي کيس بي وقوف چيو، جنهن تي فاطمه واڪ آئوٽ ڪيو ۽ ٻين اميدوارن به ساڻس يڪجهتي جو اظهار ڪيو، پوءِ ايونٽ آرگنائيزر فاطمه کان معافي ورتي. فاطمه بوش فيشن ڊيزائن جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ سماجي مسئلا اجاڳر ڪرڻ لاءِ سرگرم رهندي آهي. هن سيپٽمبر 2025 ۾ مس ميڪسيڪو جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.