جاليسڪو (م ڊ) ميڪسيڪو جي رياست جاليسڪو جي ڀرپاسي واري علائقي مان پوليس انساني عضون جي ٽڪرن سان ڀريل 45 پلاسٽڪ جا ٿيلها هٿ ڪيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب پوليس جو چوڻ هو ته انساني عضون مان محسوس ٿي رهيو آهي ته اهي ڪال سينٽر جي گم ٿيل 7 ملازمن جا آهن.
مقامي پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هٿ آيل انساني عضوا گم ٿيل ستن ڪال سينٽر جي ملازمن مان ڪجهه نوجوانن جا ٿي سگھن ٿا
ڇو جو عضون جون خاصيتون انهن سان هڪجهڙائي رکن ٿيون پر فارينسڪ کان پوءِ ان حوالي سان ڪا حتمي راءِ قائم ڪري سگھبي. واضح رهي ته ميڪسيڪو ۾ انساني سمگلنگ ۽ اغوا جون وارداتون گھڻيون عام آهن.
مارچ ۾ به 4 آمريڪي شهرين کي اغوا ڪيو ويو هو ان کان پوءِ انهن مان ٻن ماڻهن جا لاش هٿ ٿيا هئا.ميڪسيڪو جي سرحدي علائقن ۾ قتل جي واقعن جي شرح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.