| ميگھن مارڪل جي شوبز جي دنيا ۾ واپسي جو امڪان |
ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) برطانوي شهزادي هيري جي گهر واري ميگھن مارڪل جي شوبز جي دنيا ۾ واپسي جو امڪان آهي.ميڊيا رپورٽن مطابق ميگهن نيٽ فليڪس سيريز ”دي جينٽلمين“ جي ٽئين سيزن لاءِ ڳالهين ۾ مصروف آهي. ميگھن مارڪل 2011 کان 2018 تائين ڊراما سيريز ”سوٽس“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.ٻئي پاسي اها خبر پڻ آهي ته هيري ۽ ميگھن جلد پنهنجن ٻارن سان گڏ برطانيه واپس اچي سگهن ٿا. شاهي ذميوارين کان پاسيرو ٿيڻ کانپوءِ شهزادو هيري آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ ترسيل آهي.