ميھڙ ۾ ميونسپل چيئرمين برسات جو پاڻي ڪڍرائڻ ۾ ناڪام: شهري پريشان

جُولاءِ 28, 2023

ميهڙ(ن پ و) ميهڙ ۾ ميونسپل چيئرمين برسات جو پاڻي ڪڍرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو،  شهري سخت پريشان پريشان آهن جڏهن ته سي ايم او به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي

تفصيل موجب ميھڙ ۾  برسات کي 3 ڏينھن گذري ويا آھن پر ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ انتظاميا جي نااھلي سبب ميھڙ جي اڪثر ڪالونين مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو شھري سخت پريشانين کي منھن ڏئي رهيا آهن

شهر جي ابراھيم چنه ڪالوني ، مھدي آباد ڪالوني ، منصور ڪالوني ، گھاڙي روڊ، عبدالله ڪالوني ، لنڊ ڪالوني ، ھمدم ڪالوني ، ٻيٽو روڊ، گاھي مھيسر روڊ، قاضي عارف روڊ سميت اڪثر علائقن ۾ پاڻي روڊن رستن گھٽين ۾ بيٺل ھجڻ ڪري ڪالوني واسين جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آھي

ميھڙ واسين موجب برسات کي 3 ڏينھن گذري ويا آھن پر برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي نائين ۽ ڏھين محرم دوران عزاداري قافلن کي پڻ ڏکيائون پيش اچڻ لڳيون آھن

 ھنن چيو ته ميونسپل ڪاميٽي جو سي ايم او فون کڻڻ لاء تيار نه آھي جڏهن ته چيئرمين به ڪو ٻوٽو ناهي باريو جنهن سبب سخت عذاب ۾ اچي ويا آهيون

علائقي واسين پاڻي جي نيڪالي جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته اسان جي علائقن مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي شھرين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي

Leave A Comment