مُرڪ جان پيرزادو ڪيس ۾نامزد جوابدارن جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ

جنوري 6, 2024

مُرڪ جان پيرزادو ڪيس ۾نامزد جوابدارن جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ، حيدرآباد جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جوابدار سيف جتوئي ۽ شفيق جتوئي جي ضمانت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪيس جو فريادي جان محمد،جوابدار ڄاڻايل سيف جتوئي، شفيق جتوئي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش، ڌرين جي وڪيلن طرفان دليل مڪمل، مرڪ جان ڪيس جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته مرڪ جان جو لاش جنهن حالت ۾ هٿ آيو، ان مان نه ٿو لڳي ته هن آپگهات ڪيو، مرڪ جنهن فليٽ ۾ رهائش پذير هئي، اهو فليٽ به سيف جتوئي رينٽ تي ورتو هو، مرڪ جي والد جان محمد موجب پوليس مان انصاف جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، عدالت مان انصاف جي اميد آهي، 15 نومبر 2023ع تي جسقم جي ناري تحريڪ جي اڳواڻ مرڪ جان جو حيدرآباد جي هڪ فليٽ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو هو

Leave A Comment