مِڙيا مَڇ هزار…..

سنڌ اها سُهڻي آهي، جيڪا هن وقت وچ سِير ۾ آهي. سنڌ جي وجود کي ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ لاءِ سوين هزارين مَڇ مِڙي گڏ ٿيا آهن. ڪو سنڌ جي وجود تي وار پيو ڪري ته ڪو وري سنڌ جي وسيلن کي ڳڙڪائڻ لاءِ آتو آهي. 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن ذريعي عدليا ۽ پارليامينٽ کي بي اثر ۽ بي اختيار ڪرڻ بعد هاڻي وري 28هين ترميم جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. سنڌ جي بدخواهه قوتن کي سنڌ جي وسيلن ۽ وجود بابت هر فيصلي جي راهداري ڏيندڙ حُڪمرانن عوام کان احتجاج جو جمهوري به حق کسي ورتو آهي. جمهوريت جا علمبردار سڏائيندڙ حُڪمران هراس ۾ اچي حواس وڃائي چڪا آهن ۽ اهي ايترا ته خوفزده آهن جو انهن سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچائڻ جي نعري هيٺ حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مارچ جي رستي روڪ ڪئي وئي پر جڏهن انتظاميا ناڪام ٿي ته انهن عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي قيادت سميت 500 اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ سنڌياڻين تي ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. اهو سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻندڙ، سنڌ جي وجود ۽ وسيلن تي وار ڪندڙ قوتن جي سهولتڪاري وارو عمل ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟!

سنڌ تي گهڻ طرفا حملا جاري آهن. هڪ طرف ڌاڙيلن کي اتر سنڌ جا اڌ درجن ضلعا ڄڻ ته مقاطعي تي ڏنل هجن، جتي رياستي قانون ڳولهئي نٿو لڀجي. سنڌ جي زرعي معيشت کي هٿ وٺي تباهه ڪري ماڻهن کي غربت ۽ اڻهوند جي ڌُٻڻ ۾ اُڇلايو ويو آهي. سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙ وري ماٺ جي ڳوٿريءَ مان ٻاهر نڪري آيا آهن ۽ انهن بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته، يا ته کين مڪاني ادارن جو مڪنو هاٿي بنايو وڃي يا سنڌ جا ڀاڱا ٿيندا ۽ ارڙهين ترميم به واپس ٿيندي. سنڌ کان ان جا وسيلا کسڻ لاءِ اُتاوليون قوتون ۽ انهن جي سَت – بگهاڙي انتظار ۾ هونديون آهن ته کين ڪو موقعو ملي ۽ هن ڀيري اهو موقعو کين پيپلز پارٽي 26هين ۽ 27هين ترميم جي منظوريءَ ۾ مدد فراهم ڪري ميسر ڪيو آهي. سنڌ جا حڪمران پاڻ ته آواز نٿا اُٿارين، پر جيڪي سياسي ڌريون انهن سازشن ۽ ناانصافين خلاف آواز اُٿارين ٿيون، انهن تي به ڪيس داخل ڪري کين سوڙهو ڪرڻ ۾ وسان نٿا گهٽائين.

سنڌ، جيڪا هميشه کان روشن روايتن، رواداري ۽ سياسي شعور جي ڌرتي سمجهي ويندي آهي، اڄ هڪ اهڙي مرحلي مان گذري رهي آهي، جتي بنيادي آئيني ۽ قانوني حقن بابت سنجيده سوال اڀري رهيا آهن. انهن حقن مان سڀ کان اهم ۽ بنيادي حق پرامن احتجاج جو حق آهي. اهو حق، جنھن جي نه صرف پاڪستان جي آئين ۾ ضمانت ڏنل آهي، پر بين الاقوامي انساني حقن جي چارٽر ۾ به واضح طور تسليم ڪيو ويو آهي. پرامن احتجاج ڪندڙ سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ۽ انهن تي ڏوهه مڙھڻ هڪ اهڙو غيرقانوني ۽ غيراخلاقي عمل آهي، جنهن کي ڪنهن به جمهوري قدر رکندڙ سماج ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي. حد ته اها آهي ته شهيد محترما بينظير ڀٽو جي سياسي پارٽي به جڏهن پرامن احتجاج ڪندڙ سياسي ڪارڪن عورتن تي ڪيس داخل ڪري ته باقي رهجي ئي ڇا ٿو وڃي! اسان جو مقصد حڪمرانن کي اهو احساس ڏيارڻ آهي ته جمهوريت طاقت جي نمائش نه، پر آئين موجب مليل شھرين جي حقن جو احترام ڪرڻ آهي.

سنڌ جي حڪمرانن کان اها ڳالهه وسري وئي آهي ته، سنڌ جي عوام خوف کي فتح ڪري ورتو آهي ۽ جيڪي قومون خوف کي فتح ڪري وٺنديون آهن، انهن کي ڪنهن به جبر سان مطيع بڻائي نٿو سگهجي. سنڌ جي حڪمرانن کي سياسي ڏاهپ ۽ تدبر کان ڪم وٺڻ گهرجي. جمهوري قدرن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. سنڌياڻي تحريڪ جي قيادت ۽ ڪارڪنن سميت سياسي قيادت ۽ سمورن سياسي ڪارڪنن ۽ وڪيلن تي داخل ڪيس واپس ورتا وڃن. سنڌ جا مفاد سڀ کان مقدم هجڻ گهرجن. اهي عوام جي مينڊيٽ سان ئي اقتدار جي مسند تي پهتا آهن، کين عوامي مينڊيٽ جو ڀرم رکڻ گهرجي. اقتدار اچڻي وڃڻي شئي آهي. سنڌ اول آهي – سنڌ آخر آهي.