مٺو ۽ لذيذ هنداڻو خريد ڪرڻ جا 3 سولا طريقا آزمايو

مَي 31, 2023

ڪراچي( نيوز ڊيسڪ) هنداڻو اهڙي شيءِ آهي جيڪو گرمي جي مند ۾ تمام گهڻو فائديمند ٿئي ٿو ڇاڪاڻ جو هن جو مٺو پاڻي ماڻهو کي وڏي لذت ڏيئي ٿو

هنداڻو جڏهن مٺو ۽ ڳاڙهو نه نڪري ته سڄو مزو ئي کٽو ٿي وڃي ٿو، عام طور تي ته دڪاندار هنداڻي جو ڪجهه حصو ڪٽي ڏيکاري اسان کي مطمئن ڪري ڇڏيندا آهن پر اهو طريقو به گهڻو ڪامياب نه آهي

سٺي هنداڻي کي سڃاڻڻ جا 3 طريقا آهن پهريون  طريقو هنداڻي جي وزن مان لڳائي سگهجي ٿو جڏهن اوهان هنداڻو کڻو اهو وزني لڳي ته ان جو مقصد اهو پورو پچي چڪو آهي

 ٻيو  طريقو اهو آهي ته اوهان هنداڻي کي مُڪَ هڻو ته هنداڻي ۾ گهرو آواز پيدا ٿئيڻ گهرجي اها نشاني هنداڻي جي مٺي هجڻ جي آهي

ٽيون طريقو مٿي ٻڌايل طريقن کان وڌيڪ اهم آهي سو اهو آهي ته  هنداڻو وٺڻ وقت هن تي گهري ڦڪي رنگ کي ڏسو جنهن جو مقصد هنداڻو لذيذ هوندو ان ڪري هنداڻي وٺڻ وقت انهن ٽن طريقن جو خيال رکو

لاڳاپيل پوسٽون

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

  • حيدرآباد: ٻڏي ويل جو 30ڪلاڪن بعد لاش هٿ

  • سنڌ حڪومت طرفان باڪسر عاليه سومرو کي 4.65 لکن جو چيڪ ڏنو ويو