مٺياڻي ڀرسان ناري آپگهات ڪري ڇڏيو

جُون 30, 2025

مٺياڻي ( پنهنجي ڊيسڪ )  مٺياڻي جي ڪچي واري علائقي عالم جا ڀاڻ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي 20 ورهين جي نوجوان ناري غنوا ڀرٽ زال نسيم ڀرٽ گهر اندر ڦاهو کائي مبينا طور خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو انت آندو، اطلاع تي ڪوٽ مٺا پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي وئي، جتان لاش کي تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻي منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،ھوڏانھن مبينا خودڪشي ڪندڙ عورت جي سھري شاھن ڀرٽ جو چوڻ ھو تـ منھنجي ننھن جو ذھني توازن صحيح نـ ھيو جڏھن تـ فيملي ٻاھر ويل آهي جنھن سبب ھي واقعو پيش آيو آھي ،ٻئي پاسي ڪوٽ مٺا پوليس جو چوڻ آھي تـ واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون ھن وقت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ ھوندو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت