مٺي اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر جي خودڪشي بابت جاچ شروع: الزام هيٺ آيل 4 ملازم معطل

مٺي اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر جي خودڪشي بابت جاچ شروع: الزام هيٺ آيل 4 ملازم معطل

مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺي سول اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي آپگهات بعد الزام هيٺ آيل 4 ملازم معطل، نوٽيفڪيشن جاري، جاچ ڪاميٽي ڊي ايڇ او آفيس مٺي پهچي ايم ايس ڊاڪٽر هريش جگاڻي ۽ ٻين جا بيان قلمبند ڪري ورتا، ڊي جي هيلٿ وقار ميمڻ، ڊپٽي سيڪريٽري صحت زوهيب شيخ ۽ ضلعي انتظاميه جو نمائندو اي سي مٺي عمير اشرف تي مشتمل ڪاميٽي مٺي پهچي وڏي پئماني تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي،  ان ڏس ۾  مٺي سول اسپتال جي 19 هين گريڊ جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي پيش آيل خودڪشي واري واقعي سميت سندس خط ۽ وائيس ميسيجز ۾ موت جي ذميوارن جا نالا ظاهر ڪرڻ کانپوءِ صحت کاتي سنڌ جون اختياريون تحرڪ ۾ اچي ويون، صوبائي وزير صحت جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ سيڪريٽري صحت پاران جوڙيل ٽه رڪني ڪاميٽي  مٺي پهچي  ڊي ايچ او آفيس جي بند ڪمري ۾ پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي، جاچ ڪاميٽي پاران ايم ايس مٺي ڊاڪٽر هريش جڳاڻي ۽ الزام هيٺ آيل ڊاڪٽرن توڙي عملي سميت سينئر صحافي ممتاز نهڙيو جا بيان قلمبند ڪيا ۽ رڪارڊ ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪيا، ان دوران جاچ ڪاميٽي خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ  پاران واقعي کان اڳ سيئنر صحافي ممتاز نهڙيو کي موڪليل ٻن صفحن تي مشتمل خط ۽ وائيس ميسجز  پاڻ وٽ محفوظ ڪيا،  جڏهن ته جاچ ڪاميٽي  مقامي صحافين کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو،  هوڏانهن سيڪريٽري صحت چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ڪريم پاران نشاندهي ڪيل ايم ايس سميت آفيسرن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي آھي پر 4 ننڍن ملازمن مک ذميوار منٺار ڀيل، سردار ڀيل، رجب ڪنڀار ۽ اسٽور انچارچ برڪت هنڱورجو کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي، نشاندهي ڪيل ايم ايس ۽ ٻين کي جاچ ڪاميٽي ذريعي مبينا بچائڻ جون ڪوششون جاري آھن، ٻئي طرف ڊي جي هيلٿ وقار ميمڻ بيان قلمبند ڪرڻ دوران ڳالهائيندي چيو ته سيڪريٽري صحت  چيف ميڊيڪل آفيسر  ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشي معاملي جي جاچ لاءِ ڊي جي هيلٿ وقار ميمڻ، ڊپٽي سيڪريٽري صحت زوهيب شيخ ۽ ڊي سي جي نمائندي تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي آھي، اسان جاچ لاءِ پهتا آھيون ۽ ثبوت گڏ ڪري لاڳاپيل اختيارين کي لکت ۾ رپورٽ ڏينداسين، اسان جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ميڊيا سان آن رڪارڊ نٿا ڳالهائي سگهون ۽ جاچ ھلندڙ آھي، هن چيو ته اسان رڪارڊي ثبوت ۽ لاڳاپيل ماڻھن جا بيان قلمبند ڪريون پيا، معاملي جي جاچ شفاف ٿيندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ اسٽاف نرس سان زيادتي جي الزامن بعد ڦاهو کائي آپگهات ڪيو هو، ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ آپگهات کان اڳ صحافين ڏانهن وائيس مئسيج ڪندي چيو هو ته منهنجي موت جا ذميوار ايم ايس هريش جڳاڻي، ڊاڪٽر موهن کتري، ڊاڪٽر مالڪ نهڙيو، برڪت هڱورجو، منٺار ڀيل ۽ سردار ڀيل آهن
 

ڊاڪٽر جو آپگهات سڄي ٿرپارڪر جو سانحو قرار، جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو

مٺي: مٺي ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ واري واقعي جي مقامي ايم پي اي ارباب لطف الله، پ پ پ ضلعي صدر ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، سينيٽر پونجو مل ڀيل، اقليتي ايم پي اي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ ۽ ٻين مذمت ڪندي شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آھي،  ان ڏس ۾ ايم پي اي ارباب لطف الله  جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته مٺي اسپتال جي ڊاڪٽر جي خودڪشي واري واقعي تي دلي صدمو رسيو آهي، واقعي جي اڻ ڌري انڪوائري ڪرائي وڃي. مون وڏي وزير سان رابطو ڪري جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي آھي،واقعي جي انڪوائري ڪري ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي . پ پ جي ضلعي صدر ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته  مٺي سول اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر شيخ جي مبينا خودڪشي جو افسوسناڪ واقعو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ۽ صدمو پهتو آهي. هڪ ذميوار ڊاڪٽر جو اهڙي طرح زندگي وڃائڻ انتهائي تشويش جوڳي ڳالهه آهي. هي واقعو نه صرف صحت کاتي پر سڄي ضلعي ٿرپارڪر لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي، جنهن جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ انتهائي ضروري آهي. حڪومت سنڌ ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪجي ٿو ته واقعي جي حقيقت سامهون آڻڻ لاءِ فوري طور هڪ آزاد ۽ بااختيار جي آءِ ٽي قائم ڪئي وڃي، جيڪا مڪمل ميرٽ ۽ شفافيت سان جاچ ڪري، هن چيو ته واقعي ۾ جن به ماڻهن جا نالا سامهون آيا آهن، جنهن ۾ اسپتال انتظاميا،  ايم ايس ۽ ڊڪٽرز انهن خلاف قانون موجب فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ تائين کين عهدي تان معطل ڪيو وڃي، حقيقت عوام آڏو آندي وڃي.
 

مٺي جي سول سوسائٽي روڊن تي نڪري آئي: ڌرڻو

مٺي: چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ مٺي جي سول سوسائٽي روڊن تي نڪري آئي، ايس يو پي جي ميزباني ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شاهد بلوچ، سائينداد هنڱورجو، وجئه ساگر، سنگتراش سحرائي، سيد سجاع شاهه، جبار ساهڙ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ڪريم شيخ کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ قتل ڪرڻ جي برابر آھي، ڊاڪٽر ڪريم شيخ کي خودڪشي تي مجبور ڪندڙ سمورن ماڻھن پاڻ نشاندهي ڪئي آھي انهن کي عهدن تان هٽائي گرفتار ڪيو وڃي، هنن چيو ته 19 هين گريڊ جي چيف ميڊيڪل آفيسر کي ڪچيون گاريون ڏيڻ ۽ انصاف بدران خودڪشي تي مجبور ڪرڻ شرمناڪ عمل آھي، هنن چيو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ واقعي ۾ ايم ايس ڊاڪٽر هريش جڳاڻي سميت نشاندهي ٿيل سمورن ملوث ملازمن کي گرفتار ڪيو وڃي، رڳو لوئر اسٽاف کي معطل ڪرڻ ڪافي ناهي.هنن چيو ته ڪرپٽ چونڊيل نمائندا ۽ آفيسر ايم ايس سميت من پسند آفيسرن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن، جاچ ڪاميٽي به انهن کي بچائڻ چاهي ٿي پر ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين، هنن چيو ته اسپتالون سياسي ڀوتارن جا آکاڙا بڻيل آھن،سفارشي آفيسر عزتدار آفيسرن  جي موت جا راڪاس بڻيل آهن، ايم ايس ۽ ٻين آفيسرن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي لوئر اسٽاف سميت نشاندهي ڪيل سمورن ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
 

ڊاڪٽرن سوڌو اڌ کان وڌيڪ ذميوارن پاران ڪميٽي وٽ اچڻ کان انڪار

مٺي: صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي آڏو الزام هيٺ آيل ڊاڪٽرن سميت  نشاندهي ڪيل اڌ کان وڌيڪ ذميوارن بيان قلمبند ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽرن موهن کتري، ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙيو، منٺار ڀيل، سردار ڀيل ۽ ٻين گهرائڻ باوجود ڪاميٽي آڏو اچڻ جي زحمت نه ڪئي، ڪاميٽي سڄو ڏينهن سندن انتظار ڪري آخرڪار رات پوڻ بعد واپس رواني ٿي وئي، ڊي ايڇ او آفيس جي عملي ڪاميٽي کي گهرايل وڌيڪ ذميوارن جا فون بند هجڻ جو جواز ڄاڻايو، ڪاميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان گذريل ڏينهن توهانکي اطلاع ڏيئي پابند ڪيو هو ته الزام هيٺ آيل سمورا ملازم ڪاميٽي آڏو پيش ٿين، پوءِ پيش ڇو ناهن ٿيا؟ ڪاميٽي آڏو اسپتال عملي مان صرف ٻن ڄڻن ايم ايس ۽ اسٽور انچارچ بيان رڪارڊ ڪرايو.