| مٺي جي پبلڪ هيلٿ اسڪول ۾ شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف |
مٺي (رپورٽر) مٺي جي پبلڪ هيلٿ اسڪول ۾ مقرر اڪائونٽنٽ پاران شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، شاگردياڻين پاران پبلڪ هيلٿ اسڪول جي پرنسپال وٽ اڪائونٽنٽ جي هراسمينٽ بابت درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، شاگردياڻين سهانه، سمرينه ۽ لتا ٻائي ۽ ٻين الزام لڳايو آهي ته اسڪول ۾ مقرر اڪائونٽنٽ علي بخش جسڪاڻي هڪ سال کان هراسان ڪري رهيو آهي، اڪائونٽنٽ خلاف شڪايتون ڪرڻ بعد ھو سندن والدين کي فون ڪري هراسان ڪندو آهي ته ڇوڪريون رات جو دير سان ھاسٽل اينديون آھن، هاسٽل اندر لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائون واضع ثبوت آهن ته هو رات دير سان شاگردياڻين جي هاسٽل اچي ڇا ڪندو آهي،هنن چيو ته ڪجهھ عرصو اڳ به اڪائونٽنٽ پنھنجي غير اخلاقي حرڪتن سبب معافي ورتي ھئي، لگاتار دٻاءُ سبب ذھني اذيت جو شڪار آھيون. هوڏانهن پبلڪ هيلٿ اسڪول جي الزام هيٺ آيل اڪائونٽنٽ الهبخش جسڪاڻي رابطو ڪرڻ تي چيو آهي ته مون مٿان شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ جا الزام بي بنياد آهن ۔ اسانجي کاتي جاچ شروع ڪئي آهي آئون جاچ آفيسرن آڏو پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندس۔ هن چيو ته شاگردياڻين جا پاڻ وچ ۾ اختلاف آهن ۽ انهي کي بنياد بڻائي مون مٿان الزام هنيا آهن آئون هر الزام جو اداري جي ذميوارن آڏو صفائي پيش ڪندس
اڪائونٽنٽ جي اصل پوسٽ ڊسپينسر، موڪلن بعد جاچ ڪرائينديس: پرنسيپال
مٺي: هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پبلڪ هيلٿ اسڪول مٺي جي پرنسپال ريحانه چوهاڻ جو چوڻ هو ته شاگردياڻين درخواست ڏني آهي آئون موڪلن سبب گهر ويل آهيان واپس اچي جاچ ڪرائيندس، ذريعن موجب علي بخش عرف اي بي جسڪاڻي جي اصل پوسٽ ڊسپينسر آهي جنهن کي سياسي آشيرواد تي پبلڪ هيلٿ اسڪول ۾ اڪائونٽنٽ جي اضافي چارج ڏئي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو ڪافي سالن کان مقرر ٿيل آهي
هراسمينٽ ڪميٽي کان رپورٽ طلب، اڄ ٽيم پهچندي
مٺي: مٺي جي پبلڪ هيلٿ اسڪول ۾ مقرر ٿيل اڪائونٽنٽ پاران شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ واري معاملي جو ڊائريڪٽر نرسنگ نجمه منگي نوٽيس وٺندي هراسمينٽ ڪميٽي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي،جڏهن ته هراسمينٽ ڪميٽي معاملي جي جاچ لاءِ شاگردياڻين کان بيان ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ اڄ مٺي پهچندي