مٺي سول اسپتال جي ايم او ڊاڪٽر خالد جو سرڪاري ڪوارٽر مان لاش هٿ

جُون 17, 2023

مٺي(رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺي سول اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر خالد فراش جو سندس سرڪاري رهائش واري ڪوارٽر مان لاش مليو

 اطلاع تي اسپتال انتظاميه ۽ پوليس اسپتال جي سرڪاري ڪوارٽر ۾ٿيل واقعي واري هنڌ پهچي لاش ايمرجنسي وارڊ ڏانهن منتقل ڪيو

ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر خالد فراش هالا جو رهائشي هو ۽ مٺي سول اسپتال ۾  هر آچر 24 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪندو هو، رات ڳوٺ کان  پهتو هو ، اڄ صبح  سندس اسپتال ۾ ڊيوٽي هئي

اسپتال انتظاميه پاران ميڊيڪل آفيسر خالد فراش جي موت جو سبب دل جو دورو پوڻ قرار ڏنو آھي سندس چوڻ آهي ته ڊاڪٽر جي موت جو ڪارڻ دل جو دورو لڳي ٿو، سندس موت صبح جو ٿيو آھي جڏهن هو ڪپڙن ۾ اڳٺ وجهي رهيو هو ته ساهه پرواز ٿي ويو

اسپتال انتظاميا موجب ميڊيڪل آفيسر جا جيئن ئي رشتيدار پهچندا ته پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو ٻئي طرف پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي

Leave A Comment