| مٺي مال پڙي جي ٺيڪي ۾ مبينا طور ڪروڙين رپين جي گھوٻين جو انڪشاف، ٺيڪو رد |
مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺي جي مال پڙي ٺيڪيدار پاران مال پڙي ۾ ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو انڪشاف،ميونسپل ڪاميٽي ٺيڪو رد ڪري ڇڏيو، ميونسپل ڪميٽي مٺي جي ماتحت هلندڙ هفتي وار جانورن جي مال پڙي ميونسپل انتظاميه ٺيڪيدار کان واپس وٺي ڇڏي، ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پيپلزپارٽي تعلقه اسلام ڪوٽ جي انفارميشن سيڪريٽري ضلع ڪائونسلر ٺيڪيدار ڀورل شاھ جو ميونسيپل ڪاميٽي پاران ٺيڪو رد ڪندي ٺيڪيدار کي باقيدار قرار ڏيندي مال پڙي جو ٺيڪو واپس وٺي ڇڏيو،مٺي جي مال پڙي لاءِ هرسال ٽينڊر جاري ڪري قانون مطابق ٺيڪيدارن حوالي ڪئي ويندي آهي،جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي مٺي جي چيئرمين ڊاڪٽر منوج ملاڻي چيو ته ٺيڪيدار ڀورل شاھ مال پڙي جي ٺيڪي جي رقم ميونسپل ڪاميٽي کي ڏيڻ ۾ ناڪام ڪيو ويو مٿس قرض آهي،هن چيو ته پهرين جنوري تائين مال پڙي ميونسپل انتظاميه حوالي هوندي جنهن کان پوءِ نئون ٽينڊر جاري ڪري نيئن ٺيڪيدار حوالي ڪنداسين.