| مٺي واقعو: ڊاڪٽر ڪريم جو آپگهات اتفاقي قرار، رپورٽ عدالت حوالي، ايم ايس ۽ 2 ڊاڪٽر معطل |
مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺي پوليس چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي آپگهات تي مجبور ڪندڙ جوابدارن کي بچائڻ لاءِ واقعو اتفاقي قرار ڏئي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي، سب انسپيڪٽر پرديپ ميگهواڙ رپورٽ جڊيشل مجسٽريٽ ون مٺي جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، ذريعن موجب ايس ايس پي جي حڪم تي رپورٽ داخل ڪئي وئي، ايس ايڇ او مبارڪ راڄڙ انڪار ڪري موڪل تي وڃڻ سبب سب انسپيڪٽر پرديپ جي فرياد تي رپورٽ داخل ڪئي وئي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واقعو آپگهات آھي، وارثن لاش کڻائي وڃڻ وقت وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته عدالت جي حڪم بعد وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي وارثن لاش کڻائي وڃڻ وقت تدفين ڪري واپس اچي قانوني ڪارروائي ڪرائڻ جو لکت ۾ بيان ڏنو هو، پوليس وارثن جو انتظار ڪرڻ بدران ذميوارن کي بچائڻ لاءِ واقعي کي اتفاقي قرار رپورٽ داخل ڪئي، هوڏانهن ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي آپگهات بعد مٺي سول اسپتال جو ايم ايس ۽ 2 ڊاڪٽر معطل ٿي ويا، ايم ايس ڊاڪٽر هريش جڳاڻي، ڊاڪٽر موهن لال کتري ۽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙيو کي معطل ڪيو ويو، هوڏانهن وارثن پاران پوليس جي داخل ڪيل رپورٽ رد ڪندي ان کي بدديانتي ۽ خون کي لوڙھڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. وارثن جو چوڻ هو ته پوليس ڊاڪٽر جي موت جي ذميوارن کي بچائڻ لاء اتفاقي موت جي رپورٽ داخل ڪري ڪيس کي لوڙھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ان رپورٽ کي عدالت ۾ چينلينج ڪرڻ کانپوء وارثن جي مرضي سان ڪيس داخل ٿي سگهندو۔
| نشاندهي ڪيل سمورن ذميوارن کي قاتل سمجهون ٿا: وارث |
مٺي: رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر جي پٽ صادق ڪريم شيخ ۽ نياڻي عبدالمالڪ شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته پوليس اسانجي فرياد تي موت جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بدران جوبدارن کي بچائڻ لاء بدديانتي ڪئي آھي۔ اسان نشاندهي ڪيل سمورن ذميوارن کي قاتل سمجهون ٿا۔ انهن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ اچون ٿا۔ اسان پوليس کي ڪيس داخل نه ڪرائڻ جو ڪوبه لکت ۾ بيان نه ڏنو هو۔ اسان تدفين بعد واپس اچي ڪيس داخل ڪرائڻ جو بيان ڏنو هو۔ اسانجي فرياد تي ذميوارن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته احتجاج سان گڏ عدالت ۾ پڻ وينداسين۔
وارث اچن، مرضي موجب ڪيس لاءِ تيار آهيون، اتفاقي رپورٽ واپس وٺبي: ايس ايس پي
مٺي: ٻئي طرف ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ چيو آھي ته جيڪنڏهن ڊاڪٽر ڪريم شيخ جا وارث ڪيس داخل ڪرائيندا ته اسان انهن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪرڻ لاء تيار آھيون۔ ۽ 174 تحت اتفاقي موت واري رپورٽ واپس وٺنداسين۔
معطلي ڪافي ناهي، ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو: مٺي ۾ مظاهرو
مٺي: مٺي ۾ چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ ۽ ذميوارن مٿان ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف مٺي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين ٽوڪن هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري اسپتال جي مک دروازي تي ڌرڻو هنيو ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي موت جي ذميوارن خلاف نعري بازي ڪئي وئي ۔ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ٿرپارڪر جي صدر ڊاڪٽر حفيظ دل،ڊاڪٽر صاحبڏنو جنجهي،ڊاڪٽر دليپ ننداڻي،ڊاڪٽر دليپ سونارو،ڊاڪٽر گڙيا ڊاڪٽرياڻي آڀا ميگهواڙ۔ ڊاڪٽر جئمالا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هنيل ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عبدالڪريم شيخ هڪ بهترين ڊاڪٽر ۽ مخلص انسان هو،جيڪو ڊيوٽي چور نه هوعبدالڪريم شيخ کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،۽ صاف شفاف جاچ ڪري ڪردارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، معطلي ڪافي ناهي،