مٺي واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن جي ضمانت، ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽرن جو  مظاهرو، او پي ڊي جو بائيڪاٽ

مٺي واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن جي ضمانت، ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽرن جو  مظاهرو، او پي ڊي جو بائيڪاٽ

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) مٺي اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي موت واري ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل سول سرجن سميت ٻن ڄڻن جي 10 ڏينھن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور، خبر موجب مٺي سول اسپتال ۾ مبينا طور خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر ڪريم شيخ جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل مٺي اسپتال جي اڳوڻي سول سرجن ڊاڪٽر ھريش جڳاڻي ۽ اي ايم ايس ڊاڪٽر موھن لال کتري جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص مان 50_50 ھزار روپين جي مچلڪن عيوض گرفتاريءَ کان اڳ واري 10 ڏينھن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي، هوڏانهن مٺي ۾ فوت ٿيل ڊاڪٽر ڪريم شيخ جي ڪيس ۾ ڄاڻايل قاتلن جي گرفتاري لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻئي  عملي پاران سول اسپتال ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال اندر احتجاج ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي سول سرجن ڊاڪٽر ماجد پٺاڻ ، ڪارڊيولاجسٽ ڊاڪٽر سنيل ڪمار ، جنرل سرجن ڊاڪٽر ليکراج راٺوڙ، ڊاڪٽر افضل لغاري ، عبدالسلام  سميت ٻين سينئر اڳواڻن ڪئي ، احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ ڊاڪٽرن، نرسن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف شرڪت ڪئي، مظاهرين قاتلن جي فوري گرفتاري ۽ ڊاڪٽرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جا مطالبا ڪيا.ان موقعي تي اڳواڻن  ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر ڪريم شيخ جي موت هڪ افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن سان پوري ميڊيڪل برادري ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن جلد قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.