| مٺي ٿاڻي تي نوجوان فوت ٿيڻ جي ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اهلڪار بري ٿي ويا، فيصلو جاري |
مٺي(رپورٽر ) مٺي ٿاڻي ۾ ڪجهه سال اڳ لاڪپ ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل ڀاگچند ميگهواڙ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن تي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت بري ڪري ڇڏيو، مٺي جي عدالت ٿاڻي ۾ ٿاڻي جي لاڪپ ۾ 3سال اڳ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل ڀاگچند ميگهواڙ ڪيس ۾ عدالت پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ3 پوليس اهلڪارن سميت 6ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو، مٺي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ سمترا منجياڻي،آچار،موهن 3پوليس اهلڪارن اي ايس آئي بهادرو،ڪرمچند ۽ ولي بجير کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته سال 2022 ۾ مٺي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ نوجوان ڀاگچند ميگهواڙ جو لاش هٿ آيو هو، ٿاڻي تي مقتول ڀاگچند ميگهواڙ جي چاچي جئرام جي فرياد تي 7ڄڻن مٿان جي ڪيس داخل ڪيو ويو هو،جوابدار ڌرين جي ڪيس جي پيروي وڪيل رائسنگه سوڍو ۽ جيلم سنگھ ٺڪر ڪئي جڏهن ته فريادي ڌر پاران ڪيس جي پيروي نعيم ٽالپر ڪئي، ڪيس مان بري ٿيڻ بعد پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ اڳواڻ سمترا منجياڻي چيو مونکي سياسي بنيادن تي قتل ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي مون عدالت ۾ ڪيس کي منهن ڏيڻ بعد عدالت مونکي باعزت بري ڪري حق ۽ سچ جي فتح ٿي آهي