مٺي ڀرسان حادثو، عورت فوت، 3 ڄڻا زخمي

جُولاءِ 4, 2025

مٺي (پنهنجي ڊيسڪ )مٺي ويجهو  وڄوٽو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙهي ويو، حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت، 3ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي،  حادثي جوشڪار عورت جي سڃاڻپ  زڪاني شيدي طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ هدايت الله شيدي،طالب شيدي ۽ هڪ نينگري شائنا شامل آهن  پوليس موجب موٽر سائيڪل سوارن جو تعلق ڳوٺ وينجهڻياري سان آهي جيڪي نئون ڪوٽ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثو پيش آيو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت