مٺي ڀرسان نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ، بااثر ذميوار آهي: کيسي مان خط هٿ، لاش رکي  ڌرڻو

مٺي ڀرسان نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ، بااثر ذميوار آهي: کيسي مان خط هٿ، لاش رکي  ڌرڻو

مٺي (ن پ ا) مٺي ڀرسان ڳوٺ ھريار ۾ نوجوان جو گهر ۾ ٽنگيل لاش مليو۔ نوجوان جي وارثن پاران  علائقي جي بااثر موت جو ذميوار قرار ڏيئي سندس گرفتاري لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو۔ ان ڏس ۾ مٺي جي ڳوٺ هريار ۾  پورهيت  گورڌن ميگهواڙ جو لاش گهر ۾ ٽنگيل ڏسي گهر ڀاتين  پوليس کي اطلاع ڏنو ، چيلهار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ مٺي اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ٻي پاسي نوجوان جي کيسي ۾ ھڪ خط مليو آهي جنهن ۾ ھن انتھائي قدم کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙن جا نالا لکياآهن جنھن تي خودڪشي قرار ڏنل پورهيت گورڌن ميگهواڙ جي وارثن پاران ڪشمير چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي ڌرڻي ۾ پورهيت جي نياڻين  نرملا۔ ڪويتا ۽ ڀائرن سميت وارثن  پاران ڌمڪين ذريعي خودڪشي تي مجبور ڪندڙ بااثر شخص کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي. احتجاج ڪندڙ ڀلو، نندلال، نرملا، ڪويتا ۽ ٻين چيوته ڳوٺ  ھريار ۾ گورڌن ميگهواڙ گھر جي چونئري اندر ڦاھو کائي آپگھات ڪيو آهي  پر کيس  ھن جي موت جو ذميوار شخص  بااثر آھي،جيڪو ھن کي مسلسل حراسان ڪندو رھيو آھي،ھنن چيوته فوتي جي جيب مان مليل خط ۾ به ان بااثر شخص جو نالي سميت ذڪر ٿيل آھي، فوتي جي لکيل خط ۾ جنھن شخص کي موت جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي اھو ئي ھن جو قاتل آهي، ھنن چيو ته بااثر ٺڪر ڳوٺ ۾ غلط حرڪتون ڪندو هو اعتراض تي گورڌن کي ڌمڪيون ڏيئي ذھني مريض ڪري ڇڏيو ھو۔ بااثر جي ظلمن کان تنگ ٿي هن خودڪشي ڪئي آهي  پر پوليس واقعي کي خودڪشي تائين محدود ڪري بااثر کي بچائڻ چاهي ٿي۔ جيستائين کيس گرفتار ڪري ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيستائين لاش کڻي ڳوٺ نه وينداسين ۽ ڌرڻو جاري رهندو، ٻي پاسي ڊي ايس پي مٺي ماجد ڪي ڪي احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي آپگھات واقعي جي شفاف جاچ ۽ جوابدار جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي جنهن بعد وارثن احتجاج ختم ڪري لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا .