مٺي ۾حادثو،پورهيت چيڀاٽجي فوت

جُون 25, 2025

مٺي )پنهنجي ڊيسڪ )مٺي باءِ پاس تي ڪنڊي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙهي ويو، جنهن دوران هڪ ڄڻو چيڀاٽجي فوت،  نينگر سخت زخمي  ٿي پيو، ٽرالر جي ٽڪر ۾ هوٽل تي صفائي جو ڪم ڪندڙ موٽرسائيڪل سوار پورهيت راجو گجراتي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو،حادثي ۾ 15 ورهين جو راجوير سخت زخمي ٿي پيو،پورهيت جو لاش ٽرالر هيٺان پيل آهي، آخري اطلاعن تائين اطلاع باوجود پوليس واقعي واري  هنڌ نه پهتي، رهواسين جو چوڻ آهي ته ٿرڪول ڏانهن ايندڙ ويندڙ تيز رفتار ٽرالرن جي ٽڪر ۾ ڪيترائي ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، فوري طور تي نوٽيس ورتو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل