| مٺي ۾ ظالم پيءُ 25 ڏينهن جو پٽ پاڻي ٽانڪي ۾ اُڇلي ماري ڇڏيو، گرفتار |
مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺي جي اوڀر بجير محلي ۾هڪ شخص الهبچايو بجير پنهنجي ننڍڙي ٻار 25 ڏينهن جي فيضان کي پاڻي جي ٽانڪي ۾ اڇلائي ڇڏيو جيڪو ٻڏي فوت ٿي ويو۔ اطلاع تي مٺي پوليس پهچي الزام هيٺ آيل معصوم ٻار جي پيء الهبچايو بجير کي گرفتار ڪري ورتو، معلوم ٿيو آھي ته ٻار جي ماءُ گهر کان ٻاهر هئي ته والد الهبچايو بجير ٻار کي گهر اندر پاڻي جي ٽانڪي ۾ اڇلايو، محلي وارن واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو، پوليس جاءِ واردات تي پهچي ٻار جو لاش ٽانڪي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. پاڙي وارن موجب جوابدار گهڻو وقت گهر ۾ فارغ ويٺو رهندو هو ۽ پنهنجي زال تي به تشدد ڪندو رهندو هو، اڳ به ڪيترائي ڀيرا زال سان جهيڙا ۽ تڪرار ڪري چڪو ھو. هوڏانهن مٺي پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار پٽ کي پاڻي جي ٽانڪي ۾ اڇلائي مارڻ جو اعتراف ڪيو آھي پر هو ان جي سبب بابت مختلف ڦرندڙ گهرندڙ ڳالهيون ڪري رهيو آھي۔ جنهن ڪري واقعي جو اصل ڪارڻ اڃا تائين سامهون اچي نه سگهيو آھي۔ جوابدار پوليس وٽ جاچ ھيٺ آھي۔ اڃان تائين معاملو ڪليئر نه ٿيو آھي ان ڪري ڪيس داخل نه ٿيو آھي۔ پوليس موجب ٻار جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.