| مٺي ۾ ويم دوران فوت ٿيل عورت ۽ ٻار جي ڪيس ۾ غفلت ثابت |
مٺي (رپورٽر) سول اسپتال مٺي ۾ 14 ڏينهن اڳ ڊليوري دوران گهڻو رت وهڻ بعد مٺي کان حيدرآباد ريفر ڪيل ناري ۽ ٻار جي وچ رستي ۾ فوت ٿيڻ واري واقعي جي ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر ليکراج سارنگاڻي پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪري ڇڏي،انڪوائري رپورٽ ۾ گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر ۽ ماتحت عملي جي غفلت ۽ لاپرواهي جو انڪشاف ٿيو آهي،رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊليوري بعد مريضه ناري درشنا جي حالت خراب ٿيڻ باوجود آن ڪال گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر ڏسڻ به نه آئي،اسپتال ريڪارڊ مان ڊليوري جا اهم ڪاغذات ۽ ضروري معلومات لکيل ناهي،رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊليوري بعد وڌيڪ رت وھڻ اور انفيڪشن جي باوجود علاج ۾ دير ڪئي وئي، آپريشن ٿيٽر بجاءِ مريضه کي ليبر روم رکيو ويو جتي حالت وڌيڪ خراب ٿي،هوڏانهن ڏي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر ليکراج سارنگاڻي سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته انڪوائري رپورٽ ۾ علاج دوران لاپرواهي ۽ غفلت جون خاميون مليون آهن،رپورٽ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڊي جي صحت کي اماڻي ڇڏي آهي،جڏهن ته 30جنوري تي 24سالگ حامله ناري درشنا زال آنند جي سول اسپتال مٺي ۾ ڊليوري ٿي هئي،ٻار جي پيدائش بعد ڪجهه دير بعد اسپتال ۾ ٻار به فوت ٿيو هو جنهن بعد ناري جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ بعد ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جيڪا حيدرآباد پهچندي ئي فوت ٿي هئي پاران ڊاڪٽرياڻين تي علاج دوران مبينا غفلت ۽ لاپرواهي جو الزام لڳايو هو،