مٺي (رپورٽر) مٺي ويجهو ٽريڪٽر ڊرائيورن ۽ سياحن جي گاڏين کان ڀتو وٺندڙ 4 پوليس اهلڪار معطل، ٽائيم نيوز جي خبر تي آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو
مٺي ڀرسان اسلام ڪوٽ روڊ تي قائم پوليس پڪٽ جي اهلڪارن جمعدار محمد خان رند، ڪانسٽيبل اشوڪ ميگهواڙ، گورڌن ڀيل سوڌو 4 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو
چئني اهلڪارن کي معطل ڪري لائن حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، ڄاڻايل پوليس پڪٽ جي اهلڪارن پاران ٽريڪٽر ڊرائيورن کان رشوت وٺڻ جي وڊيو وائرل ٿي هئي
ٽائيم نيوز تي اهڙي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس وٺندي ايس ايس پي زاهده پروين ڄامڙو کان پڇاڻو ڪيو ويو، ايس ايس پي چئني اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو