| مٽياريءَ ۾ صوبائي صلاحڪارن جي کليل ڪچهري بدنظمي جو شڪار، جيالن جا پنهنجن ئي اڳواڻن خلاف نعرا |
مٽياري(رپورٽر) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي آفيس جي پارڪ ۾ صوبائي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي ۽ اسپيشل ايڊوائيزر تنزيلا قمبراڻي پاران کلي ڪچھري منعقد ڪئي وئي. کلي ڪچھري ۾ پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جو صدر عاجز ڌامراہ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ . ايس پي مٽياري محمد اسلم راؤ . ڊي ايچ او سيد آصف شاھ . پي پي تعلقه نيو سعيدآباد جي صدر رئيس غني ميمڻ . ٽائون ڪميٽي نيو سعيد آباد جو چيئرمين رئيس سرفراز راھو ۽ ٻيا شريڪ ھئا. صوبائي صلاحڪارن پاران منعقد ڪيل کليل ڪچھري جيالن جي نعريبازي سبب شروع کان ئي بدنظمي جو شڪار ٿي وئي. رھيل ڪسر مائڪ من پسند ماڻھن حوالي ڪرڻ سبب پوري ٿي ۽ کليل ڪچھري شديد بدنظمي جو شڪار ٿي وئي. جيالن جي نعريبازي ۽ بدنظمي سبب ضلعي جي مختلف شھرن کان مسئلا کڻي آيل سائل مايوس ٿي واپس روانا ٿي ويا، ان موقعي تي لکيل ڪچھري کي خطاب ڪندي صوبائي صلاحڪارن گيانچند ايسراڻي ۽ تنزيلا قمبراڻي جو چوڻ ھو ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پوري سنڌ ۾ کليل ڪچهريون منعقد ڪرڻ جون ھدايتون ڪيون آھن ته جيڪڏهن آفيسر عوام جا مسئلا حل نه ٿا ڪن ته پوء اسان عوام جا مسئلا ٻڌي انھن کي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيون اسان جي ڪوشش ھوندي ته ھتي جيڪي ماڻھو اسان کي مسئلا ٻڌائين ٿا اھي اسان انھن آفيسرن کي مجبور ڪري اھي حل ڪرايون ھنن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آھي ان ڪري غريبن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ذميواري نه پر اسان جو فرض آھي کلي ڪچھري دوران پيش ڪيل مسئلن تي صوبائي صلاحڪارن اتي موجود آفيسرن کي مسئلا ٻڌي فوري حل ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون.