مٽياري جي عوام نئين ٽول پلازا جو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو، جمعي تائين ڳالهين بعد حتمي فيصلو ٿيندو

جنوري 16, 2025

مٽياري (رپورٽ:ڪامران ميمڻ) مٽياري جي عوام ضلعي ۾ ٻيو ٽول پلازا نامنظور ڪري ڇڏيو، ھزارين ماڻھن ٽول پلازا خلاف قومي شاھراھ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ جي يو آئي . ايس ٽي پي . پيپلزپارٽي . نواز ليگ . جماعت اسلامي . جسقم . ايس يو پي ۽ ٻين پارٽين جي ھزارين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي.  ڊپٽي ڪمشنر ڳالهين لاءِ پهچي ٻن ڏينھن تائين ٽول پلازا بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ مٽياري ضلعي ۾ تعمير ٿيل ٻئي ٽول پلازا خلاف مٽياري عوامي اتحاد پاران مٽياري لڳ ٽول پلازا وٽ قومي شاھراھ تي احتجاجي ڌرڻو ھڻي ٽريفڪ بلاڪ ڪري ڇڏي. ڌڙڻي ۾ مٽياري عوامي اتحاد ۾ شامل پارٽين جي يو آئي . ايس ٽي پي . نواز ليگ . جماعت اسلامي . جسقم . ايس يو پي کان سواء پيپلزپارٽي ضلع صدر جي اڳواڻي ۾ وفد پڻ شرڪت ڪئي ڌرڻي ۾ شامل ھزارين ماڻھن مٽياري ضلعي ۾ ٻئي ٽول پلازا کي رد ڪري ڇڏيو ڌڙڻي سبب قومي شاھراھ جي ٻنھي پاسن کان ھزارين گاڏين جون لائنون لڳي ويون ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته مٽياري ضلعي ۾ اڳ ئي ھڪ ٽول پلازا آھي ته پوء ٻيو ٽول پلازا لڳائي ضلعي جي عوام کي ٽيڪسن جي بار ھيٺان دٻايو پيو وڃي نينشنل ھائي وي اٿارٽي مٽياري ضلعي جي سخت احتجاج باوجود ٽول پلازا تعمير ڪري ٽول اوڳاڙي به شروع ڪري ڇڏي آھي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٽول ٺھڻ سان علائقي ۾ بدامني وڌندي روڊ تي ٽريفڪ جام جو آزار رھندو جنھن سبب عوام پريشان ٿيندي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته پورو ضلعو ٽول جي خلاف آھي ان باوجود عوامي آزار جا منصوبا افسوسناڪ آھن. ڌڙڻي ۾ جي يو آئي جي مرڪزي اڳواڻ عبدالرزاق عابد لاکو . اعظم جھانگيري . سليم سنڌي  . حاجي سارنگ منگواڻو . ڄام شوڪت ابڙو . فتاح ڳاھوٽي . نصير ميمڻ . رحمت الله ترڪ پيپلزپارٽي ضلع مٽياري جو صدر پير امير شاھ ھاشمي . سيد فضيل حبيب شاھ . فقير محمد منصوري . رشيد ڏيٿو . ذوالفقار ڏيٿو . تاج حيدر درس . پير وھاب سرھندي پڻ شريڪ ھئا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ ڌرڻي پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون. ڳالهين بعد ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جو چوڻ ھو ته اڳواڻن سان طئه ٿيو آھي ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اڳواڻن ۽ نينشنل ھاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن جا ڳالهيون ٿينديون جنھن ۾ جيڪو به فيصلو ٿيو ان تي عملدرآمد ٿيندو ڳالهيون ٻه ڏينھن جاري رھنديون، جنھن دوران ٽول پلازا تان ننڍين گاڏين کان اوڳاڙي بند رھندي. عوامي اتحاد جي اڳواڻن ٽول ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر کين چيو ته ٽول في الحال بند ڪيو ٿو وڃي وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون اين ايڇ اي وارا به ايندا ۽ پوري پاڪستان جون ننڍيون گاڏيون ٽول ڏيڻ کان آجيون هونديون، اسان ڊپٽي ڪمشنر جي خاطري تي ڌرڻو ختم  ڪيو آهي، جيڪڏهن گڏيل اجلاس ۾ ڪا ٽال مٽول  ٿي ته تحريڪ ماٺي نه ٿيندي، جنهن تي عوامي اتحاد پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

وڏا وڏا اعلان ڪندڙ عاجز ڌامراهه ۽ راشد محمود ڌرڻي ۾ نه آيا

مٽياري : پاڪستان پيپلزپارٽي جي ضلع صدر پير اميرعلي شاھ ھاشمي، جنرل سيڪريٽري فضيل حبيب شاھ ۽ مخدوم فخر زمان جي ٽيم مٽياري ٽول پلازا خلاف ڌرڻي ۾ شريڪ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ 2 ڏينھن ٽول پلازا بند ڪرائڻ ۽  جمعي جي ڏينهن پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ عوامي اتحاد ۾ شامل تنظيمن جي اڳواڻن کي ڳالھين تي راضي ڪيو ان موقعي تي پير صفدر شاھ ھاشمي سيد غلام مصطفه شاھ حسيني ۽ قبلا مخدوم فخرزمان ٽيم جي اڳواڻن محمد يوسف ڇٽو نواب مدثرعلي ٽالپر فاروق نوحپوٽو شمن سھتو منور دايو سپاف ضلع صدر اسدالله ميمڻ جنرل سيڪريٽري امتياز پھوڙ جنيد جکريجو پ پ پ يوٿ ونگ ضلع مٽياري جنرل سيڪريٽري جميل منگواڻو فراز ابڙو بابو ميمڻ ۽ پ پ ليڊيز ونگ عهديدار شبانه ڌماچ مھرنسا ملاح رابيه ملاح سميت عوامي اتحاد ۾ شامل تنظيمن جا اڳواڻ شامل ھئا. ٻئي پاسي ڌرڻي ۾ شرڪت جو اعلان ڪندڙ مرڪزي اڳواڻ نه پهتا، جن ۾ جي يو آئي جو علامه راشد سومرو، پ پ جو عاجز ڌامراهه ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ شامل آهن

ايم اين اي شگفتا جماڻي پاران قومي اسيمبلي ۾ ٽول پلازا خلاف آواز اٿارڻ جو اعلان

مٽياري : مٽياري شهر سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽي ايم اين اي شگفته جماڻي مٽياري ٽول پلازا کي رد ڪنديقومي اسيمبلي ۾ آواز اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. آئون مٽياري ٽول پلازا خلاف جدوجهد ڪندڙ ڌرين سان گڏ آهيان اڄوڪي احتجاج ۾ شرڪت ڪريان ها پر اسلام آباد آهيان سومر يا يا اڱاري ڏينهن سوال جواب جي سيشن دوران رٿ پيش ڪنديس..

 

Leave A Comment