مخدومن ۾ تڪرار: رفيق الزمان پي ايس 59 تي جميل الزمان سامهون پٽ کي بيهاريندو

جُون 13, 2023

مٽياري ( رپورٽر)  مٽياري جي مخدوم خاندان پاران به عام چونڊن دوران هڪٻئي سامهون بيهڻ جو امڪان، پي ايس 59 تي مخدوم  جميل الزمان پاران بيهڻ واري فيصلي کانپوءِ مخدوم رفيق الزمان ساڳي تڪ تي پٽ کي بيهارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مخدوم رفيق الزمان پنهجي پٽ ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم فخر الزمان کي پي ايس 59 تي اميدوار طور نامزد ڪيو آهي

ڪجهه ڏينهن اڳ مخدوم جميل الزمان جي ڪو آرڊينيٽر سيد ممتاز شاهه ميڊيا کي ٻڌايو هو ته ايندڙ چونڊن دوران مخدوم جميل الزمان پي ايس 59 ۽ ايم اين واري سيٽ تي به اميدوار هوندو جنهن بعد مخدوم رفيق الزمان پنهنجي پٽ مخدوم فخر الزمان کي بيهارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي

هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ايس 59 جي حوالي سان مخدوم جميل الزمان بيهڻ جو فيصلو ڪندو ته اهو اسان جي اکين تي پر هو جنهن تڪ تي نه بيهندو ان تي منهنجو پٽ فخرالزمان چونڊ وڙهندو

ذريعن موجب پي ايس 59 پ پ جو سينٽر سيد محمد علي ڄاموٽ به اميدوار آهي، ايندڙ چونڊن دوران فيصلو پ پ قيادت سان گڏ مخدوم خاندان لاءِ به امتحان بڻجي ويندو

Leave A Comment