مٽياري ضلعي ۾ گرمي بيماريون پکيڙي ڇڏيون، سوين ماڻهو بيمار

جُون 4, 2023

مٽياري(رپورٽر) ضلعي جي مختلف علائقن ۾ گرمي جي مند م مختلف بيماريون پکڙجي ويون آهن 200 کان وڌيڪ ماڻهو اسپتال پهتا.

مليريا سبب 87 ڄڻا ۽  گيسٽرو سبب 133 ڄڻا اسپتالن ڀيڙا ٿيا آهن.

صحت کاتي مان مليل رپورٽن موجب گذريل ٽن ڏينھن ۾ 200 کان وڌيڪ مريضن جي مليريا ٽيسٽ ٿي جنھن مان 87  ڄڻن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي.

330 مريضن جي گيسٽرو ٽيسٽ ڪئي ويئي جن مان 133 ڄڻن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي.

ھوڏانھن نجي اسپتالن ۾ پڻ سوين مريض مليريا ۽ گيسٽرو سبب داخل ٿيا آھن.

Leave A Comment