| مٽياري مان 2 قيدي هٿڪڙين سميت فرار، پوليس بدلي ۾ 2 ڄڻا پڪڙي ورتا، ايس ايچ او معطل |
مٽياري(رپورٽر) مٽياري ٿاڻي تان ٻه ڄڻا مبينا طور ھٿڪڙين سميت فرار ٿي ويا، پوليس جوابدارن جي عيوضي ۾ مٽياري بس اسٽاپ جي ھوٽل تان ٻن ڄڻن کي کنڀي ٿاڻي تي ويھاري ڇڏيو، فرار ٿيلن جي وارث عورتن پاران مٽياري پوليس تي ٻه جوابدار گرفتار ڪري گم ڪرڻ جو الزام هڻندي خلاف سٽي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. فرار ٿيڻ واري واقعي کي ڊرامو قرار ڏنو ويو. مجيداڻا برداري جي عورتن گم ڪيل نوجوانن جي والده مسمات حڪيمان . مسمات ڀاڳڀري ۽ مسمات مٺل مجيداڻو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪندي الزام مڙهيو آھي ته مٽياري پوليس ٻه ڏينھن اڳ اسان جي ٻن بيگناھ نوجوانن غلام مصطفي مجيداڻو ۽ عجيب مجيداڻو کي بيگناھ کنڀي وئي ۽ نوجوانن جي آزادي لاء اسان کان 30 ھزار رپيا طلب ڪيا اسان جڏھن پئسا کڻي آياسين ته پوليس چيو ته اوھان جا ماڻھو اسان وٽ ناھن پوليس اسان جي ماڻھن کي گم ڪري ڇڏيو اسان جا بيگناھ ماڻھو پوليس کنيا آھن اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي نوجوانن کي فوري آزاد ڪيو وڃي ھوڏانھن ايس ايڇ او مٽياري جو اھڙي ڪنھن به واقعي توڙي گرفتاري کان لاتعلقي ظاھر ڪري ڇڏي آھي، ٻئي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته پوليس پاران گرفتار ڪيل ماڻھو ھٿڪڙين سوڌو پوليس کان فرار ٿي ويا آھن جڏھن تہ پوليس انھن جي عيوضي ۾ مٽياري بس اسٽاپ جي ھوٽل تان ٻن ڄڻن کي کنڀي ٿاڻي تي ويھاري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي مٽياري نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او مٽياري اعجاز علي پنهيار کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.